Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي لاءِ لنڊن سيڪريٽريٽ رابطن ۽ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.


سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي لاءِ لنڊن سيڪريٽريٽ رابطن ۽ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
 Posted on: 7/31/2015
سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي لاءِ لنڊن سيڪريٽريٽ رابطن ۽ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جو قيام سڄي دنيا ۾ وسندڙ مهاجرن جي دلين جي آواز آهي. مهاجر اڪابرَ.
لنڊن: 31 جولائي 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل تي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن سينيئر مهاجر اڪابرن جي طرفان سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي لاءِ ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ رابطن ۽ ڪوائف نامه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي. تفصيلات جي مطابق خميس جي ڏينهن به پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مقيم پروفيسرن، بيوروڪريٽن، ليکڪن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن سينيئر مهاجر اڪابرن ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن رابطا ڪري رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي اپيل تي سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان کان علاوه سڄي دنيا ۾ مقيم ڪيترن ئي سينيئر مهاجر اڪابرن پنهنجا ڪوائف نامه اي ميل جي ذريعي ايم ڪيو ايم لنڊن سيڪريٽريٽ موڪليا آهن. زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن سينيئر مهاجر دانشورن سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جي خواهش جو اظهار ڪندي بانيان پاڪستان جي اولادن تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جي آئيني، قانوني ۽ انساني حقن جي لتاڙ جي خلاف منظم ۽ موثر حڪمت عملي کي وقت جي اهم ترين ضرورت قرار ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي مهاجر اڪابرن چيو ته سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جو قيام سڄي دنيا ۾ وسندڙ مهاجرن جي دلين جي آواز آهي ۽ سينيئر مهاجر اڪابر حقن جي ان جدوجهد ۾ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. 
*****

6/30/2024 5:47:47 AM