معروف مزاحيه فنڪار فريد خان جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن: پهرين آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ملڪ جي معروف مزاحيه فنڪار فريد خان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انهن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته فريد خان مزاح جي دنيا ۾ هڪ روشن ستاري وانگر هئا ۽ انهن ڪيترن ئي سالن تائين ماڻهن جي منھ تي مرڪ وکيري، جناب الطاف حسين فرمايو ته فريد خان مرحوم جي وفات سان فن جي دنيا ۾ هڪ خلا پيدا ٿي ويو آهي جنهن کي گهڻي عرصي تائين ڀري نه ٿو سگهجي. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي فريد خان مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****