Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ 12 لاپتا ڪارڪنن ۽ همدردن کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ 12 لاپتا ڪارڪنن ۽ همدردن کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/28/2015
ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ 12 لاپتا ڪارڪنن ۽ همدردن کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 29 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي حيدرآباد ۾ شادي جي تقريب ۾ ويندڙ ايم ڪيو ايم گلستان جوهر سيڪٽر جي چئن ڪارڪنن ۽ 8 همدردن جي گمشدگي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم گلستان جوهر سيڪٽر يونٽ بي جي ذميوار وليد ڪمال ولد عارف ڪمال، يونٽ بي جي ذميوار شاديان رحمان، ڪارڪنن ياسر ڪاظمي ۽ ساجد عثماني سميت همدردن عادل، راحيل خان، اسد رضا، سعد هاشمي، عديل مرزٰي، وسيم ، ريحان ۽ جنيد علي شادي جي شرڪت ۾ ٽن گاڏين ۾ سوار ٿي ڪري ڪراچي کان حيدرآباد روانا ٿيا هئا. انهن ڪارڪنن ۽ همدردن جو رات تقريبن ساڍي ڏهين وڳي پنهنجن گهر وارن سان رابطو ڪٽجي ويو ۽ هن مهل تائين انهن جي  ڪائي به خبر نه آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ صوبائي وزير داخلا سهيل انور سيال کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪيل ڪارڪنن ۽ همدردن جي خيريت سان بازيابي جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن ۽ سمورن گم ٿيلن کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي. 
*****

6/30/2024 5:44:34 AM