Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عدالتي حڪم جي باوجود قمر منصور کي طبي معائني جي لاءِ اسپتال ۾ نه آڻڻ سراسر توهين عدالت آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


عدالتي حڪم جي باوجود قمر منصور کي طبي معائني جي لاءِ اسپتال ۾ نه آڻڻ سراسر توهين عدالت آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/29/2015
عدالتي حڪم جي باوجود قمر منصور کي طبي معائني جي لاءِ اسپتال ۾ نه آڻڻ سراسر توهين عدالت آهي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
اڄ قمر منصور کي هڪ مقامي اسپتال ۾ آڻڻو هو پر جيل جي اعلٰي آفيسرن سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي ڪري انهن کي علاج جي سهولت کان محروم ڪري ڇڏيو.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 29 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي عدالتي حڪم جي باوجود رابطا ڪميٽي جي اسير ميمبر قمر منصور کي طبي معائني جي لاءِ اسپتال ۾ نه آڻڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان عمل کي سراسر توهين عدالت قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر اهلڪارن حراست جي دوران قمر منصور کي ذهني ۽ جسماني اذيت جو نشانو بڻايو هو، جنهن جي ڪري انهن جي حالت تمام گهڻي بگڙي وئي هئي ۽ دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ قمر منصور جي طبي معائني جي لاءِ درخواست دائر ڪئي وئي هئي. جنهن تي عدالت جي طرفان جيل حڪام کي حڪم ڏنو ويو ته جلد کان جلد قمر منصور کي اسپتال داخل ڪرائي طبي معائني جا انتظام ڪيا وڃن ۽ ٽن ڏينهن جي اندر اندر انهن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته قمر منصورکي اڄ 29 جولائي تي مقامي اسپتال ۾ آڻڻو هو پر جيل حڪام سيڪيورٽي جو بهانو بڻائي ڪري انهن کي علاج معالجي جي سهولت کان محروم ڪري ڇڏيو، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته عدالت جي واضع حڪم جي باوجود قمر منصور کي اسپتال ۾ طبي معائني جي سهولت کان محروم رکڻ عدالتي حڪمن جي بلڪل خلاف ورزي ۽ توهين عدالت آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي غير آئيني ۽ غير قانوني عمل جي ذريعي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ انهن جا بنيادي انساني حق به سلب ڪيا پيا وڃن پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي طرفان ان جو ڪوئي به نوٽس نه ٿو ورتو وڃي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ صوبائي وزير داخلا سهيل انور سيال کان مطالبو ڪيو ته قمر منصور کي اسپتال ۾ نه آڻڻ جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ توهين عدالت جي مرتڪب جيل حڪام کان سختي سان پچاڻو ڪيو وڃي ۽ قمر منصور جي صحت ۽ زندگي جي تحفظ جي لاءِ انهن کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرايو وڃي. 
*****


6/30/2024 5:46:30 AM