Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي مختلف علائقن مان رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.


ڪراچي جي مختلف علائقن مان رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
 Posted on: 8/1/2015 1
ڪراچي جي مختلف علائقن مان رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
لنڊن: پهرين آگسٽ 2015 
           ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجر ۽ پوليس جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر ۽ پوليس جي اهلڪارن صدر پوسٽ آفيس مان ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن  يونٽ ڪميٽي جي ميمبر سميت ملير، گلستان جوهر ۽ گلبهار ناظم آباد سيڪٽر جي ستن ڪارڪنن کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪري انهن کي اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر ۽ پوليس جي اهلڪارن رات ملير سيڪٽر يونٽ 98 جي ڪارڪنن طاهر احمد ۽ سليمان خان کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته گلبهار ناظم آباد سيڪٽر يونٽ 185 جي ڪارڪن شعيب الدين کي ڪرائيم برانچ جي اهلڪارن انهن جي گهر تي ڇاپو هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح رينجر صدر جي پوسٽ آفيس تي ڇاپو هڻي ڪري اتان  ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن  يونٽ ڪميٽي جي ميمبر ريحان شبير، افسار ۽ مشرف کي به گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح گلستان جوهر مان يونٽ ڊي جي ڪارڪن عامر علي کي ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي رهنمائن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن جون 

لڳاتار غير قانوني ۽ بغير ڪنهن جواز جي گرفتاريون ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ صرف ايم ڪيو ايم کي ئي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم دشمني ۾ ئي ڪراچي جي شهرين جا آئيني ۽ قانوني حق ڇنيا پيا وڃن جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڇاپن ۽ گرفتارين سان نه ته ڪارڪنن جا حوصلا ڪمزور ڪري سگهجن ٿا ۽ نه ئي  ايم ڪيو ايم کي اهڙن گندن هٿڪنڊن سان ڪمزور ڪري سگهجي ٿو.  رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين ۽ گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين.رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي به غير قانوني گرفتارين ۽ انساني حقن جي لتاڙ تي آواز بلند ڪن .

6/30/2024 5:44:14 AM