Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر ۽ پوليس ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي ڪارڪن انيس ولد حنيف، ايلڊر ونگ جي ڪارڪن محمد اعجاز جي ڄاٽي ۽ انهن جي پٽ محمد علي خان ۽ لياقت آباد سيڪٽر يونٽ ڪميٽي جي ميمبر محمد آصف کي گرفتار ڪري ورتو.

 Posted on: 7/31/2015

گارفتارين تي رابطا ڪميٽي جو سخت احتجاج.
لنڊن: 31 جولائي 2015 
             ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي سخت احتجاج ڪندي ان کي ملڪ جي آئين ۽ قانون جي خلاف سازش قرار ڏنو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت گرفتار ڪري لاپتا ڪيو پيو وڃي جنهن سان پوري ڪراچي ۾ خوف و هراس پکڙيل آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته اڄ صبح سوير رينجر جي اهلڪارن لياقت آباد ۾ ڇاپو هڻي ڪري يونٽ ڪميٽي جي ميمبر محمد آصف کي گرفتار ڪري ورتو، اهڙي طرح گذريل ڏينهن فيڊرل بي ايريا يونٽ 148 مان ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن ايم ڪيو ايم ايلڊر ونگ جي ڪارڪن محمد اعجاز جي ڄاٽي محمد جاويد ۽ انهن جي پٽ محمد علي خان کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي ڪارڪن انيس ولد حنيف کي گهر کان گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي چيو ته انهن غير آئيني ۽ غير قانوني قدمن سان ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جي دعوٰي جو پول کلي ڪري سامهون اچي ويو آهي. اڄ اسان جي ملڪ جي جمهوري حڪومت ماضي جي مارشلائن کان به بدتر آهي. رابطا ڪميٽي مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين ۽ انهن تي ظلمن جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ ان ٽارگيٽڊ آپريشن جي دائري کي حقيقي دهشت گردن ۽ ملڪ دشمنن ڏانهن موڙيو وڃي. 
*****

6/30/2024 5:46:32 AM