سڄي دنيا ۾ رهڻ وارا پاڪستاني ۽ سچا حق پرست عوام آمريڪا جي شهر ڊيلاس ۾ پهرين آگسٽ بروز ڇنڇر تي ٿيندڙ منهنجو خطاب مهرباني ڪري غور سان ٻڌن. ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي اپيل.
مان پنهنجي خطاب ۾ سڄي دنيا ۾ جاري دهشت گردي جي سببن ۽ قتل و غارتگري جو پس منظر بيان ڪرڻ سان گڏو گڏ پاڪستان جي انتهائي ڪرپٽ فوجي جنرنلن جي چهرن تان شرافت جو نقاب لاهيندس ۽ انهن جو اصل چهرو عوام کي ڏيکاريندس. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 31 جولائي 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سڄي دنيا ۾ رهڻ وارن پاڪستانين ۽ سڄي دنيا جي سچن حقن پرست ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي آمريڪا جي شهر ڊيلاس ۾ ڇنڇر تي ٿيندڙ منهنجو خطاب ڊيلاس جي مقامي وقت جي مطابق منجهند 4 وڳي ۽ لنڊن جي وقت جي مطابق رات 10 وڳي مهرباني ڪري غور سان ٻڌن. جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجو اهو خطاب انتهائي اهم هوندو، جنهن ۾ مان دنيا ۾ جاري دهشت گردي جي سببن ۽ قتل و غارتگري جو پس منظر بيان ڪرڻ سان گڏو گڏ پاڪستان جي انتهائي ڪرپٽ فوجي جنرلن جي چهرن تان شرافت جو نقاب لاهي ڪري انهن جو اصل چهرو عوام کي ڏيکاريندس. ان جي ڪري عوام کي منهنجي اپيل آهي ته اهي حقيقت کان آگاھ ٿيڻ جي لاءِ منهنجي ان خطاب کي ٻڌڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪن. اهو خطاب ايم ڪيو ايم جي ويب ٽي وي تي سڄي دنيا ۾ ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو.
*****