Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ڀرپور طريقي سان حصو وٺندي. رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم شاھ آفريدي.


مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ڀرپور طريقي سان حصو وٺندي. رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم شاھ آفريدي.
 Posted on: 7/31/2015
مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ڀرپور طريقي سان حصو وٺندي. رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم شاھ آفريدي.
ايم ڪيو ايم پختون آرگنائيزنگ ڪميٽي جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب.
ڪراچي: 31 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اسلم شاھ آفريدي چيو آهي ته ايندڙ مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ڀرپور طريقي سان حصو وٺندي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ انهن چيو ته ماضي ۾ به عام اليڪشنن ۽ مڪاني اليڪشنن ۾ ايم ڪيو ايم وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي رهي آهي ۽ انشاء الله تعالٰي هن ڀيري به وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد اصولي آهي ۽ ان جدوجهد ۾ ايم ڪيو ايم جا ذميوار ۽ ڪارڪن جناب الطاف حسين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ آهن ۽ اهي ڪنهن به ظلم جي اڳيان ڪڏهن به پنهنجو سر نه جهڪائيندا. انهن ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي متحرڪ رهن ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جا خطاب ۽ بيان غور سان پڙهن. 
*****

6/30/2024 5:44:14 AM