Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن جو ڊيلاس ۾ باقائده آغاز ٿي ويو.


ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن جو ڊيلاس ۾ باقائده آغاز ٿي ويو.
 Posted on: 8/1/2015 1
ايم ڪيو ايم آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن جو ڊيلاس ۾ باقائده آغاز ٿي ويو.
ڪنوينشن ۾ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ۽ ٻين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت.
پاڪستان ۾ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف  ڪاروائي جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. نديم نصرت. ڪنوينشن کي خطاب.
ڊيلاس: پهرين آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ آمريڪا جي 19 هين سالانه ڪنوينشن جو باقائده آغاز آمريڪا جي شهر ڊيلاس ۾ ٿي ويو. ان ٽي روزه ڪنوينشن ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر  نديم نصرت،رابطا ڪميٽي ميمبر واسع جليل ۽ پاڪستان کان آيل حق پرست اسيمبلي ميمبرن خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ آمريڪا جي 22 وڏن شهرن مان ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ، ڪارڪنن ۽ پاڪستاني برادري وڏي تعداد ۾ شريڪ آهي. ڪنوينشن جو موضوع “ وڌيڪ صوبا....مضبوط پاڪستان” آهي. ڪنوينشن جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت چيو ته پاڪستان ۾ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف بغير ڪنهن فرق جي ڪاروائي جي نالي تي ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي. انهن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي عائد ڪئي وئي آهي. نائن زيرو تي ڇاپو هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ڪهف الورٰي ۽ قمر منصور کي گرفتار ڪيو ويو پر بي حسي اها آهي ته اسان کي سوال ڪرڻ جي به اجازت نه آهي ته ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي بغير ڪنهن وارنٽ جي ڇاپو ڇو هنيو ويو؟ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم عام ماڻهو تائين اختيارن جي منتقلي چاهي ٿي، جيستائين عام ماڻهو کي بااختيار بڻايو نه ٿو وڃي ته ان وقت تائين مثبت تبديلي ممڪن نه آهي. انهن چيو ته اوڀر پاڪستان جي بنگالي عوام کي جيڪڏهن انهن جا حق ڏنا وڃن ها ته پاڪستان نه ٽٽي ها. ان موقعي تي آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر  جنيد فهمي 2002 ۾ جناب الطاف حسين جو ڏنل ليڪچر به شرڪاء کي پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ پاڪستان جي تعمير و ترقي ۽ مضبوطي جي لاءِ وڌيڪ صوبن جي قيام جي ضرورت ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. ڪنوينشن ۾ اسيمبلي ميمبرن خوش بخت شجاعت، ارم فاروقي، عدنان احمد ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.
*****

6/30/2024 5:45:19 AM