ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي معروف مزاحيه اداڪار فريد خان جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.
ڪراچي: پهرين آگسٽ 2015
ملڪ جي معروف مزاحيه اداڪار ۽ فنڪار فريد خان مرحوم جي جنازي نماز ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن شبير احمد قائم خاني، عبدالقادر خانزاده ۽ ٻين کان علاوه مقامي ذميوارن ۽ ڪارڪنن ۽ مرحوم جي مٽن مائٽن ۽ فنڪارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي مرحوم جي پونئرن ۽ فنڪارن سان جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ مغفرت جي دعا به ڪئي.
*****