Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، واشنگٽن پوسٽ ۽ بي بي سي ڪراچي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.وسيم اختر.


هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، واشنگٽن پوسٽ ۽ بي بي سي ڪراچي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.وسيم اختر.
 Posted on: 7/29/2015
هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان، واشنگٽن پوسٽ ۽ بي بي سي ڪراچي آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.وسيم اختر.
هيومن رائيٽس ڪميشن، واشنگٽن پوسٽ ۽ بي بي سي جي رپورٽن کي نشر ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي، جيڪو نامناسب عمل آهي.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ رابطا ڪميٽي سان گڏجي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 29 جولائي 2015 
             ايم ڪيو ايم سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر چيو آهي ته ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ وڏي پيماني تي انساني حقن جون خلاف ورزيون ٿيون رهيون آهن ۽ ظلم ڪيا پيا وڃن، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو پيو وڃي ۽ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل به ڪيو پيو وڃي ۽ جڏهن ته گرفتار ڪيلن کي سرڪاري حراست ۾ تشدد جو نشانو به بڻايو پيو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن هيومن رائيٽس ڪميشن، آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ۽ بي بي سي جي رپورٽ واضع ڪري ڇڏيو آهي ته آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ۽ شبير احمد قائم خاني به موجود هئا. وسيم اختر چيو ته ايم ڪيو ايم 

پريس ڪانفرنسن، پرامن احتجاجي مظاهرن، جلسن ۽ ايوانن جي اندر ۽ ٻاهر احتجاج ڪيو پر ڪوئي به ٻڌڻ وارو نه هو، پر هاڻي اهي ظلم دنيا جي سامهون اچي رهيا آهن، گذريل ڏينهن هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان به ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيل زيادتين ، ماورائي عدالت قتلن، غير قانوني ڇاپن، گرفتارين ۽ لاپتا ڪيل ڪارڪنن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار به ڪيو آهي. انهن چيو ته انساني حقن جي ڪميشن چيو آهي ته ڪميشن اهو واضع ڪرڻ ضروري سمجهي ٿي ته ماڻهن کي لاپتا ڪرڻ ڪنهن به صورت قابل قبول نه آهي. ان جو وڌيڪ اهو به چوڻ آهي ته نائن زيرو تي ڇاپن جي آزادانه تحقيقات ٿيڻ گهرجي. انهن چيو ته انهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي رينجر مخالف تقريرون ڪرڻ تي به مقدما درج ڪرڻ تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته تقريرون ٻڌڻ تي مقدما قائم ڪرڻ آزادي جي اظهار جي کليل خلاف ورزي آهي. وسيم اختر چيو ته ڪالھ انهن رپورٽن کي بريڪنگ نيوز جي طور تي هلڻ گهرجي ها.پر ان جو هڪ ننڍڙو ٽڪر هلائي ڪري انهن وڏين رپورٽن سان زيادتي ڪئي وئي آهي. انهن چيو ته گذريل ڏينهن لياري واڙه ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي عام شهرين کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو ويو، قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ٻڌائين ته هاڻي ڀتو ڪير وٺي رهيو آهي، 100 روپين جو فطرو جمع ڪرڻ وارن کي ته ڀتا خور بڻائي ڪري پيش ڪيو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو ۽ اسان جي فلاحي سرگرمين تي پابندي به عائد ڪئي وئي. انهن چيو ته وزير داخلا چوڌري نثار ڪالھ ئي چيو هو ته ساده لباس ۾ ڪابه ڪاروائي نه ٿيندي، پر ڪالھ رات ئي ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ 12 ڪارڪنن ۽ همدردن کي لاپتا ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته سپريم ڪورٽ چئي رهي آهي ته نيب جو ادارو ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي، هن وقت سمورن ادارن ۾ ڪرپشن عروج تي آهي پر سموريون ڪاروائيون صرف ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيون پيون وڃن، ٻئي طرف ٻئي وڏيون سياسي جماعتون ڪرپشن ۾ ٻڏل آهن پر انهن کان ڪوئي به پچڻ وارو نه آهي. انهن چيو ته قمر منصور جي باري ۾ سڀ ڄاڻين ٿا ته اهي ڪنهن به ڏوھ ۾ ملوث نه آهن، انهن تي ڪائي به ايف آئي آر درج نه آهي پر ان جي باوجود انهن کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي تحويل ۾ ڏنو ويو آهي. قمر منصور تي 1992 ۾ به اڊياله جيل ۾ وحشيانو تشدد ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪري انهن جي ڪرنگهي جي هڏي ۾ وڏي تڪيلف آهي.ان جي ڪري انهن کي فوري طور تي رها ڪيو وڃي. انهن چيو ته هيومن رائيٽس ڪميشن پنهنجين رپورٽن ۾ اهو به واضع ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ طالبان ۽ مذهبي جماعتون پنهنجيون عدالتون لڳائين ٿيون. پر سيڪيورٽي ادارا انهن جي خلاف ڪائي به ڪاروائي نه ٿا ڪن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ محب وطن سياسي جماعت آهي، جيڪا ادارن جو مڪمل احترام ڪري ٿي ۽ ايم ڪيو ايم ملڪ جي ترقي جي لاءِ به ڪم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اسان ڪم ڪري به ڏيکاريو آهي ان جي ڪري هاڻي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ختم ٿيڻ گهرجن. 
*****

6/30/2024 5:47:48 AM