ايم ڪيو ايم جا قائد جناب الطاف حسين پهرين آگسٽ بروز ڇنڇر تي ايم ڪيو ايم آمريڪا جي ٽي روزه سالانه ڪنونشن کي انتهائي اهم خطاب فرمائيندا. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
لنڊن: 31 جولائي 2015
ايم ڪيو ايم جا قائد جناب الطاف حسين پهرين آگسٽ بروز ڇنڇر تي آمريڪا جي ٽي روزه سالانه ڪنوينشن کي انتهائي اهم خطاب فرمائيندا. پنهنجي ان خطاب ۾ جناب الطاف حسين پاڪستان جي موجوده صورتحال جي باري ۾ انتهائي اهم ۽ سنسني خيز انڪشافَ فرمائيندا. ڪنونشن ۾ آمريڪا جي سمورن رياستن جي يونٽن جا ذميوار، ڪارڪن، پاڪستاني معزز، صحافي، ليکڪ، دانشور ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو شرڪت ڪندا. ڪنونشن جو موضوع “ نون صوبن جو قيام” پاڪستان جو استحڪام، آهي. جناب الطاف حسين جو اهو اهم خطاب ايم ڪيو ايم جي ويب ٽي وي تي پوري دنيا ۾ سنئون سڌو ڏسي سگهجي ٿو.
*****