ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٻن ڏينهن جي جشن آزادي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ تي عوام کي رابطا ڪميٽي جي طرفان زبردست مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش.
ڪراچي: 15 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٻن ڏينهن جي جشن آزادي جي اجتماع ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ ۽ ان کي ڪامياب بڻائڻ تي عوام کي زبردست مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته لڳاتار ڇاپن، گرفتارين، ماورائي عدالت قتلن، گرفتارين کان پوءِ لاپتا ڪرڻ ۽ تمام تر سختين جي باوجود عوام جهڙي طرح سان ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ٿيندڙ ٻن ڏينهن جي جشن آزادي جي اجتماع ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي آهي ان تي اهي زبردست خراج تحسين جي لائق آهن. رابطا ڪميٽي تمام تر ڏکين حالتن جي باوجود تورڙي وقت ۾ جشن آزادي جا شاندار انتظام ڪرڻ تي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي به شاباش پيش ڪئي آهي.
*****