قومي اسيمبلي جي ميمبر رشيد گوڏيل تي دهشت گردن جي فائرنگ جو واقعو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ان افسوسناڪ واقعي تي آئنده جو لائحه جوڙڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي هنگامي بنيادن تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي.
لنڊن: 18 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل تي دهشت گردن جي فائرنگ ۽ انهن جي سخت زخمي ٿيڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جناب الطاف حسين عوام کي اپيل ڪئي ته اهي رشيد گوڏيل جي زندگي جي لاءِ دعائون ڪن. جناب الطاف حسين فائرنگ جي واقعي ۾ رشيد گوڏيل جي ڊرائيور جي شهيد ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار به ڪيو. ان افسوسناڪ واقعي تي آئنده جو لائحه عمل جوڙڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي هنگامي بنيادن تي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي.
*****