ايم ڪيو ايم پي آئي بي سيڪٽر جي لاپتا ڪارڪن رضوان خان شاني جي چاچي محمد مبين خان جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي: 16 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم پي آئي بي سيڪٽر يونٽ 56 جي لاپتا ڪارڪن رضوان خان شاني جي چاچي محمد مبين خان جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ انهن مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
ان کان علاوه مرحوم کي ميوه شاھ قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنهن ۾ سي اي سي ميمبر احمد سليم صديقي، سابق حق پرست سنڌ اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر صغير احمد ۽ ٻين کان علاوه مرحوم جي مٽن مائٽن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
*****