Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو مذاڪراتي عمل کي لتاڙڻ جي سازش آهي. مولانا فضل الرحمٰن.


ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو مذاڪراتي عمل کي لتاڙڻ جي سازش آهي. مولانا فضل الرحمٰن.
 Posted on: 8/18/2015
ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو مذاڪراتي عمل کي لتاڙڻ جي سازش آهي. مولانا فضل الرحمٰن.
رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي باوجود ايم ڪيو ايم جي مثبت رويي ۾ ڪائي به تبديلي نه آهي.مولانا فضل الرحمٰن.
ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفٰي ڏيڻ جا سبب آئيني، قانوني ۽ انساني آهن . ڊاڪٽر فاروق ستار.
جناب الطاف حسين آپريشن جي مخالفت نه بلڪه شفافيت تي زور ڏنو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
مولانا فضل الرحمٰن ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار جي نائن زيرو تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي: 18 آگسٽ 2015 
             جميعت علماء اسلام ف جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن چيو آهي ته  ايم ڪيو ايم جي ميمبر قومي اسيمبلي رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو منهنجي ثالث هجڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي استعيفائن جي معاملي تي اڄ شروع ڪيل پروسيس کي لتاڙڻ جي هڪ سازش آهي. رشيد گوڏيل جي قاتلانه حملي ۾ سخت زخمي ٿيڻ جي باوجود ايم ڪيو ايم جي مثبت رويي ۾ ڪائي به تبديلي نه آئي آهي، ملڪ و قوم ۽ سياسي نظام کي بحراني ڪيفيت مان ڪڍڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم پنهنجو جذبو برقرار رکيو آهي ۽ ڪنهن به جذباتيت جو مظاهرو نه ڪيو آهي. انهي مثبت رويي، ۽ جذبي سان اسان اسلام آباد ۾ به  ڳالھين کي اڳتي وڌائينداسين. انهن خيالن جو اظهار مولانا فضل الرحمٰن نائن زيرو تي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. ان کان اڳ ايم ڪيو ايم رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار به ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪئي . ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي مولانا فضل الرحمٰن چيو ته اسان وٽ معاشري جو رواج به اهو ئي آهي ته جيڪڏهن ڪوئي ناراض ٿي وڃي ته هڪ ڀيرو ان جي گهر ضرور وڃڻ گهرجي، پارليامينٽ اصرار ڪيو ته اوهان کي ئي وڃي ڪري ڳالھ ڪرڻي آهي، مان زندگي ۾ پهريون ڀيرو نائن زيرو آيو آهيان. انهن چيو ته الله سائين ملڪ کي بحرانن کان بچائي ۽ اسان ملڪ جي آئين ۽ قانون جا جيڪي تقاضا آهن ان جي دائري ۾ رهندي ملڪ جي سياسي نظام کي استحڪام ڏيون. انهن چيو ته رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي تي اسان جو اتفاق آهي ته اهو سڀ ڪجھ ان ساري پروسيس کي لتاڙڻ جي هڪ وڏي بزدلانه سازش آهي. انهن چيو ته ايتري وڏي حادثي جي باوجود ايم ڪيو ايم پنهنجي مثبت رويي ۾ ڪائي به تبديلي نه آندي ۽ ان ملڪ و قوم کي ۽ سياسي نظام کي هن بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجي جذبي کي برقرار رکيو آهي ۽ ڪنهن به جذباتيت جو مظاهرو نه ڪيو آهي ۽ انهي جذبي سان اسان اسلام آباد ۾ به ڳالهين کي اڳتي وڌائينداسين. انهن نائن زيرو تي خوش آمديد چوڻ تي جناب الطاف حسين ۽ رابطا ڪميٽي جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪيو . انهن وڌيڪ چيو ته رويو مثبت هجي ۽ نيتون صاف هجن ته الله تعالٰي پاڻ ئي رستا ٺاهي ڏيئي ٿو ۽ مسئلن کي به حل فرمائي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته اصول جي تحت ماڻهن جي زندگي کي تحفظ ڏيڻ آئين ، قانون ۽ حڪومت جي ذميواري آهي، اهو هڪ سواليه نشان آهي ته ڪجھ  واقعن ۾ انصاف جا تقاضا پورا نه ٿا ٿين ان تاثر کي دور ٿيڻ گهرجي، انهن چيو ته جيڪا به اهڙي تجويز سامهون ايندي جنهن سان شفافيت ۽ انصاف جا تقاضا پورا ٿين ته ان کان ڪير به انڪار ڪري نه ٿو سگهي . مولانا فضل الرحمٰن رشيد گوڏيل جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.  ان کان اڳ ڊاڪٽر فاروق ستار ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اسان جي پارليامينٽ جي ميمبرن جا استعيفٰي ڏيڻ جا سبب آئيني، قانوني ۽ انساني آهن. انهن سببن کي ايڊريس ڪيو ويندو ته ڳالھ ٻولھ اڳتي وڌندي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين بار بار واضع ڪيو آهي ته اسان آپريشن جي مخالفت نه ڪئي آهي اسان چاهيون ٿا ته غير جانبداري ۽ شفافيت سان آپريشن ٿئي ته جيئن پائيدار امن قائم ٿئي ۽ مولانا فضل الرحمٰن صاحب به ان ڳالھ جي تصديق ڪئي آهي، انهن چيو ته مولانا فضل الرحمٰن هڪ ثالث جي طور تي آيا آهن ته جيئن ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جي استعيفائن جي نتيجي ۾ جيڪو سياسي بحران پيدا ٿيو آهي ان کي حل ڪري سگهجي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم مولانا فضل الرحمٰن تي اعتماد ڪيو ۽ انهن جي ثالث هجڻ جو خير مقدم ڪيو آهي. انهن ٻڌايو ته جناب الطاف حسين مولانا فضل الرحمٰن سان نائن زيرو تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن کي خوش آمديد به چيو . پر انهي دوران رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي خبر آئي ۽ اهي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آهن ۽ جناب الطاف حسين سڄي پاڪستان جي عوام کي رشيد گوڏيل جي صحت يابي جي لاءِ دعا جي اپيل به ڪئي آهي. انهن چيو ته مولانا صاحب اسان کي چيو آهي ته اسان ايوانن ۾ رهي ڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪريون ۽ ملڪ جي استحڪام، سياسي ۽ جمهوري عمل ۾ اسان جو ڪردار به اهم آهي. اسان مولانا فضل الرحمٰن جي ڪردار کي اهميت ڏني آهي ۽ اهي اسان جي لاءِ قابل احترام به آهن . انهن چيو ته اسان هڪ انتهائي وڏو قدم کنيو ۽ پنهنجا استعيفٰي ڏيڻ تي مجبور ٿياسين. مولانا سان اڄ جيڪا ڳالھ ٻولھ ٿي آهي اسان کي اميد آهي ته اهو سلسلو اڳتي وڌندو. مون کي نه ٿو لڳي ته اسان ان مسئلي کي حل نه ٿا ڪري سگهون پر اڄ رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جو جيڪو واقعو ٿيو آهي اهو انتهائي ڳڻتي وارو ۽ افسوسناڪ آهي. مان اها ڳالھ يقين سان ته نه ٿو چئي سگهان پر اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهو واقعو انهن ڳالهين کي لتاڙڻ جي ڪا سازش نه هجي. مون کي اميد آهي ته حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا پنهنجي ذميواري پوري ڪندا ۽ ان واقعي ۾ ملوث دهشت گردن کي جلد کان جلد بي نقاب ڪندا. 
*****

6/30/2024 5:47:45 AM