Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو نائن زيرو ۽ لياقت نيشنل اسپتال ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين ذميوارن سان لڳاتار فون تي رابطو. انهن رشيد گوڏيل جي خيريت به دريافت ڪئي.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو نائن زيرو ۽ لياقت نيشنل اسپتال ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين ذميوارن سان لڳاتار فون تي رابطو. انهن رشيد گوڏيل جي خيريت به دريافت ڪئي.
 Posted on: 8/18/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو نائن زيرو ۽ لياقت نيشنل اسپتال ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين ذميوارن سان لڳاتار فون تي رابطو. انهن رشيد گوڏيل جي خيريت به دريافت ڪئي.
رشيد گوڏيل جي ڊرائيور متين شهيد جي ميت انهن جي اباڻي ڳوٺ بٽگرام پهچائڻ جا فوري طور تي انتظام ڪيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 18 آگسٽ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جا قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو ۽ لياقت نيشنل اسپتال ۾ موجود رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ٻين ذميوارن سان لڳاتار فون تي رابطي ۾ آهن. انهن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ٻين ذميوارن کان رشيد گوڏيل جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن کي سختي سان تاڪيد ڪئي ته رشيد گوڏيل جي علاج معالجي ۾ ڪا به ڪسر باقي نه ڇڏي وڃي. جناب الطاف حسين رشيد گوڏيل جي ڊرائيور متين جي شهادت تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ رابطا ڪميٽي کي هدايت فرمائي ته اها متين شهيد جي ميت انهن جي اباڻي ڳوٺ بٽگرام پهچائڻ جا انتظام ڪري ۽ شهيد ڊرائيور جي تجهيز و تڪفين جي انتظامن جي سلسلي ۾ به انهن جي پونئرن سان مڪمل مالي تعاون ڪري. ان سان گڏ شهيد ڊرائيور جي گهر تي ٽيجهي تائين کائڻ پيئڻ جا انتظام به ڪيا وڃن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي ڊرائيور متين شهيد جي مغفرت فرمائي.انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ شهيد جي پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. 
*****

6/30/2024 5:46:45 AM