Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

فرقي پرست پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي هٿان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي شهيد ڪارڪن اڪرام خان جي ڀاءُ نعمان خان جي وحشياڻي قتل تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


فرقي پرست پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي هٿان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي شهيد ڪارڪن اڪرام خان جي ڀاءُ نعمان خان جي وحشياڻي قتل تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 8/17/2015
فرقي پرست پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي هٿان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي شهيد ڪارڪن اڪرام خان جي ڀاءُ نعمان خان جي وحشياڻي قتل تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 17 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي فرقي پرست تنظيم جي دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 124 جي شهيد ڪارڪن اڪرام خان جي ننڍي ڀاءُ نعمان خان جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته نعمان خان شهيد مسجد کان نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ گهر وڃي رهيا هئا ته فرقي پرست پابندي وڌل تنظيم جي دهشت گردن انهن تي ڇٿي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اهي شهيد ٿي ويا. نعمان خان شهيد جي وڏي ڀاءُ اڪرام خان شهيد کي به ڪجھ سال اڳ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو هو. رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ پابندي وڌل تنظيمن جا دهشت گرد آزاد گهمي رهيا آهن پر قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا اهلڪار انهن جي خاتمي جي بجاءِ ايم ڪيو ايم جهڙي پرامن سياسي ۽ جمهوري جماعت جي ڪارڪنن جي خلاف بغير ڪنهن جواز جي ڪاروائي رهيا آهن ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ  عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جي بجاءِ انهن جو ماورائي عدالت قتل ڪري رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم شهر جي واحد چونڊيل جماعت آهي پر امن و امان جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي تحفظات کي ترجيح نه ڏيڻ نه صرف عوام جي مينڊيٽ جي توهين آهي بلڪه ايم ڪيو ايم جو سياسي استحصال ڪرڻ جي برابر به آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي نعمان خان شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ڪورڪمانڊر ڪراچي نويد مختيار کان مطالبو ڪيو ته اهي نعمان خان شهيد جي قتل ۾ ملوث فرقي وارانه تنظيم جي دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪرائين ۽ دهشت گردن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي. 
*****

6/30/2024 5:47:45 AM