Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نائن زيرو تي مولانا فضل الرحمٰن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.


نائن زيرو تي مولانا فضل الرحمٰن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
 Posted on: 8/18/2015
نائن زيرو تي مولانا فضل الرحمٰن سان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
اوهان جنهن نيڪ مقصد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيو الله تعالٰي انهن کي قبول فرمائي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪراچي: 18 آگسٽ 2015 
              جميعت علماءِ اسلام جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن چيو آهي ته رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملو منهنجي لاءِ وڏي ڏک جو ڪارڻ آهي. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي چئي، ان موقعي تي جميعت علماء اسلام جا ٻيا رهنما ۽ رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. مولانا فضل الرحمٰن سان ڳالھ ٻولھ جي دوران ئي جناب الطاف حسين ٻڌايو ته  هاڻي ئي ٽي وي چينلن تي خبر نشر ٿي آهي ته رشيد گوڏيل جي گاڏي تي فائرنگ ٿي آهي ۽ اهي سخت زخمي ٿي پيا آهن ۽ انهن کي لياقت نيشنل اسپتال نيو پيو وڃي. ان جي ڪري اوهان رشيد گوڏيل جي صحت و سلامتي جي لاءِ دعا ڪريو. مولانا فضل الرحمٰن چيو ته اها خبر منهنجي لاءِ وڏي ڏک جو ڪارڻ آهي، الله تعالٰي پنهنجو فضل و ڪرم فرمائي.ان کان اڳ جناب الطاف حسين مولانا فضل الرحمٰن ۽ انهن جي ساٿين کي پنهنجي غريب خاني تي خوش آمديد چوندي فرمايو ته اوهان جنهن نيڪ مقصد جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيو، الله تعالٰي انهن کي قبول فرمائي ۽ اوهان کي ان جو اجر عظيم عطا فرمائي. آمين.انهن مولانا کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان جي اها نيڪ ڪاوش تاريخ ۾ سنهرن اکرن ۾ لکي ويندي، اها حق جي راھ آهي، ان ۾ مشڪلاتون ۽ پريشانيون به اچن ٿيون ۽ مان يقين ڏياريان ٿو ته انهن مشڪلاتن جي خاتمي جي لاءِ اسان جو 

تعاون اوهان سان گڏ رهندو.مولانا جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪندي فرمايو ته اوهان جنهن خوبصورتي ۽ دل جي گهرائي سان پنهنجي دولت خاني  تي اسان کي خوش آمديد چيو آهي ان جي لاءِ مان اوهان جو شڪر گذار آهيان. انساني زندگي ۾ لاهيون چاڙهيون اينديون رهنديون آهن. پر جيڪا زندگي حق ، ملڪ، قوم ۽ انسانيت جي ڀلائي جي لاءِ وقف هجي اها مبارڪ هجي ٿي. پارليامينٽ جي ليڊر آف دي هائوس ۽ اپوزيشن ليڊر ايم ڪيو ايم سان ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي ذميواري منهنجن ڪلهن تي وڌي آهي، اسان جي روايت ۾ گهر آيل مهمان کي خالي هٿ موٽائڻ نه آهي.مان پهريون ڀيرو اوهان جي گهر آيو آهيان ۽ اهو اوهان تي آهي ته منهنجي آمد آخري نه هجي، جنهن تي جناب الطاف حسين آمين فرمايو. مولانا فضل الرحمٰن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجن ميمبرن جي استعيفائن جي معاملي تي نظر ثاني ڪري. اسان نه ٿا چاهيون ته ملڪ جو سياسي استحڪام ڪمزور ٿئي، اسان کي ملڪ کي مضبوط بڻائڻو آهي. جيڪڏهن پارليامينٽ جي هر جماعت ملڪ جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندي ته ملڪ ۽ رياست تي ان جا منفي اثر پوندا. مولانا چيو ته شهرين جي جان و مال، عزت ۽ آبرو جو تحفظ ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، ان حوالي سان رياست جي حڪمت عملي سان ته اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر رياست کي ان جي حق کان محروم ڪري نه ٿو سگهجي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم کي استعيفٰائون واپس وٺڻ گهرجن. جيڪڏهن ان جي باوجود ايم ڪيو ايم جا تحفظات دور نه ڪري سگهجن ته ايم ڪيو ايم جي لاءِ ٻيهر استعيفٰي ڏيڻ ڪوئي مشڪل ڪم نه هوندو.
*****

6/30/2024 5:45:10 AM