Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب جي وزير داخلا شجاع خانزاده جي شهادت هڪ قومي سانحو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پنجاب جي وزير داخلا شجاع خانزاده جي شهادت هڪ قومي سانحو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/16/2015
پنجاب جي وزير داخلا شجاع خانزاده جي شهادت هڪ قومي سانحو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
دهشت گرد پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ هر شهر ۾ دهشت گردي جون ڪاروائيون ڪري رهيا آهن.
دهشت گردي ۽ انتها پسندي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪرڻو پوندو. جناب الطاف حسين.
لنڊن: 16 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اٽڪ ۾ پنجاب جي وزير داخلا شجاع خانزاده جي ڏيري تي خودڪش بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي ۾ وزير داخلا شجاع خانزاده ۽ ڊي ايس پي سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته وزير داخلا شجاع خانزاده جي شهادت هڪ قومي سانحو آهي جنهن تي پنجاب ئي نه بلڪه پوري ملڪ جي امن پسند عوام کي سخت ڏک ۽ صدمو پهتو آهي. انهن فرمايو ته دهشت گردن جهڙي طرح سان اڄ پنجاب جي وزير داخلا کي نشانو بڻايو آهي  اها هڪ انتهائي سنگين ۽ ڳڻتي واري ڳالھ آهي. جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته پنجاب سميت پورو ملڪ دهشت گردي جي لپيٽ ۾ آهي ۽ دهشت گرد پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ هر شهر ۾ دهشت گردي جون ڪاروائيون ڪري رهيا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته دهشت گردي ۽ انتها پسندي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور طريقي سان عمل ڪرڻو پوندو. انهن فرمايو ته اها صورتحال ان ڳالھ جو تقاضا ڪري ٿي ته حڪومت، اپوزيشن، سموريون سياسي ۽ مذهبي جماعتون ۽ سڄي ملڪ جا عوام دهشت گردي جي خلاف متحد ٿي وڃن ۽ دهشت گردي ۽ انتها پسندي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ اتحاد ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪن. جناب الطاف حسين خودڪش ڌماڪي ۾ وزير داخلا شجاع خانزاده ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. انهن شجاع خانزاده جي شهادت تي وزير اعظم ميان نواز شريف، وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف ۽ پنجاب حڪومت سان به دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. انهن زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. 
*****

6/30/2024 5:46:52 AM