Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اورنگي ٽائون، قصبه ڪالوني،جيڪسن ۽ ڪورنگي کان ايم ڪيو ايم جي 5 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


اورنگي ٽائون، قصبه ڪالوني،جيڪسن ۽ ڪورنگي کان ايم ڪيو ايم جي 5 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 8/18/2015
اورنگي ٽائون، قصبه ڪالوني،جيڪسن ۽ ڪورنگي کان ايم ڪيو ايم جي 5 ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 18 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون، قصبه ڪالوني، جيڪسن ۽ ڪورنگي مان سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون يونٽ 118سي جي ڪارڪن فرحان علي کي جيڪي ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪن عبدالرحيم جي تدفين ۾ شرڪت جي لاءِ وڃي رهيا هئا ته پوليس اهلڪارن انهن کي گرفتار ڪري ورتو، انهي علائقي مان سي آئي ڊي پوليس يونٽ ڪميٽي جي ميمبر محمد سرور کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته سرڪاري اهلڪارن قصبه ڪالوني بلاڪ 4 کان يونٽ ڪميٽي جي ميمبر انيس احمد، جيڪسن ٿاڻي جي حد واقع ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي آفيس کان ايم ڪيو ايم رنڇوڙ لائين جي ڪارڪن وقاص قريشي ۽ ڪورنگي عوامي ڪالوني کان ايم ڪيو ايم جي يونٽ ڪميٽي جي ميمبر محمد نور عالم کي گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جون گرفتاريون روز جو معمول بڻجي چڪيون آهن ۽ هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن تي قاتلانه حملا ڪيا پيا وڃن پر ٻئي طرف سرڪاري اهلڪارن جي طرفان پابندي وڌل تنظيمن جي وحشي دهشت گردن کي گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي ئي گرفتار ڪيو پيو وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽  وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي لڳاتار گرفتارين جو نوٽس ورتو وڃي۽ بي گناھ ڪارڪنن جي غير قانوني گرفاترين جو سلسلو بند ڪرايو وڃي ۽ سمورن گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرايو وڃي. 
*****

6/30/2024 5:47:56 AM