Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.


ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي  وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.
 Posted on: 8/15/2015
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي  وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو.
ڪراچي: 15 آگسٽ 2015 
             ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پاڪستان جو 68 هون يوم آزادي  وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ 13 ۽ 14 آگسٽ تي ٻن ڏينهن جو اجتماع منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ عوام تمام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ورائٽي پروگرام کان به لطف اندوز ٿيا. ورائٽي پروگرام کي جناب الطاف حسين خطاب به فرمايو ۽ حاضرين سميت سمورن پاڪستاني ڀائرن کي يوم آزادي جي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي. اهو ورائٽي پروگرام عوام جي شرڪت جي لحاظ کان ملڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو اجتماع هو.جنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪري قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ سان محبت جو وڏو ثبوت به ڏنو. ورائٽي پروگرام ۾ ملڪ جي نامور فنڪارن حسن جهانگير، ارجمن، هني خان، شهنشاھ غزل مهدي حسن جي پٽ آصف حسن مهدي، امبر انصاري، سيمي صديقي، معروف مزاحيه فنڪارن پرويز صديقي، خالد رضا ۽ ٻين فنڪارن به شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان کان پوءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان فنڪارن ۾ هڪ هڪ هزار روپين جا روڪ انعام ۽ تحفا به ورهايا ويا.
*****

6/30/2024 5:45:10 AM