Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نائن زيرو پهچڻ تي مولانا فضل الرحمٰن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ انهن تي گل به نچاور ڪيا ويا.


نائن زيرو پهچڻ تي مولانا فضل الرحمٰن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ انهن تي گل به نچاور ڪيا ويا.
 Posted on: 8/18/2015
نائن زيرو پهچڻ تي مولانا فضل الرحمٰن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ انهن تي گل به نچاور ڪيا ويا.
ڊاڪٽر فاروق ستار مولانا فضل الرحمٰن کي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، ڪارڪنن کي لاپتا ڪرڻ ۽ انهن جي گرفتارين جي واقعن جون تفصيلات به پيش ڪيون.ان موقعي تي شهيدن جي پونئرن ۽ لاپتا ڪارڪنن جي گهر وارن به مولانا فضل الرحمٰن سان ملاقات ڪئي ۽  انهن کي پنهنجا ڏک ٻڌايا.
ڪراچي: 18 آگسٽ 2015 
             اڄ مولانا فضل الرحمٰن نائن زيرو جو دورو ڪيو ۽ رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، عارف خان ايڊووڪيٽ، شبير احمد قائم خاني، امين الحق، اسلم آفريدي، گلفراز خان خٽڪ، محترمه زرين مجيد، محمد حسين ۽ عبدالقادر خانزاده سان ملاقات ڪئي.  وفد ۾ وفاقي وزير اڪرم دراني، مولانا صاحب جا خصوصي معاون محمد طارق ، ڪراچي جا امير قاري عثمان ۽ ٻيا به موجود هئا. مولانا صاحب جڏهن نائن زيرو  پهتا ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو ، انهن تي گل به نچاور ڪيا ويا ۽ انهن کي گلدستو به پيش ڪيو ويو. ملاقات جي دوران ڊاڪٽر فاروق ستار مولانا صاحب کي ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، انهن کي لاپتا ڪرڻ  ۽ گرفتارين کان پوءِ انهن تي سخت تشدد ڪرڻ جون تفصيلات به پيش 

ڪيون. ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي شهيدن جي پونئرن ۽ لاپتا ڪارڪنن جي گهر وارن به مولانا صاحب سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي پنهنجن پيارن جي ماورائي عدالت قتلن ۽ انهن کي لاپتا ڪرڻ جي واقعن جون تفصيلات ٻڌايون ۽ مولانا صاحب کي هٿ ٻڌي ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جون اپيلون ڪيون. ان موقعي تي مولانا صاحب ايم ڪيو ايم جي شهيدن جي پونئرن ۽ لاپتا ڪارڪنن جي گهر وارن کي تسلي ڏني ۽ انهن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي. 
*****

6/30/2024 5:48:13 AM