Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪنهن سان به ٽڪراءُ نه ٿي چاهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم ڪنهن سان به ٽڪراءُ نه ٿي چاهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/16/2015
ايم ڪيو ايم ڪنهن سان به ٽڪراءُ نه ٿي چاهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
استعيفائن جي حوالي سان رابطا ڪميٽي ۽ چونڊيل نمائندن سميت پوري تحريڪ هڪ صفحي تي آهي.
ظلم ۽ ناانصافين جي خلاف ايم ڪيو ايم جي عوامي نمائندن جا استعيفا مائنس الطاف فارمولي جو جواب آهن.
هر قوم جي ٻچي جو مطالبو آهي ڪراچي کي الڳ صوبو بڻايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 16 آگسٽ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪنهن سان به ٽڪراءُ نه ٿي چاهي ۽ استعيفائن جي حوالي سان رابطا ڪميٽي ۽ چونڊيل نمائندن سميت پوري تحريڪ هڪ صفحي تي آهي. ايم ڪيو ايم هڪ جمهوري جماعت آهي ۽ مولانا فضل الرحمٰن جي ثالثي ۾ ڳالهين کان پوءِ سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جا استعيفٰي واپس وٺڻ يا نه وٺڻ  جي حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو. اها ڳالھ انهن هڪ ٽي وي چينل تي خصوصي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين اٽڪ جي ڳوٺ شادي خان ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي ۾ پنجاب جي وزير داخلا شجاع خانزاده سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سوگوار پونئرن ۽ پاڪستاني ڀائرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته جيئن جو چيو ويو آهي ته اٽڪ ۾ خودڪش حملو رڌ عمل آهي ته ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي دوران دهشت گردن ۽ گينگسٽرن جي طرفان قانون نافذ ڪرڻ وارن تي به حملا ڪيا ويا پر ايم ڪيو ايم جي آفيسن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن جي دوران هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو پر ايم ڪيو ايم جي اڪثريتي علائقن ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن تي هڪ پٿهري به نه اڇلائي وئي . جيڪڏهن ايم ڪيو ايم دهشت گردي تي يقين رکي ها ته اسان جي طرفان به قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي مزاحمت جو سامنو ڪرڻو پوي ها. پر ائين نه ٿيو. هر پارٽي ۾ سٺا ۽ خراب ماڻهو هوندا آهن. نظم و ضبط جي خلاف ورزين ۽ سماج دشمن سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي ڪڍڻ جو عمل 1984 کان وٺي ڪري اڄ تائين جاري آهي. ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن جي استعيفائن ۽ حڪومت جي طرفان ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري جي بندش جي حوالي سان پچيل هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته مولانا فضل الرحمٰن صاحب سان منهنجي فون تي ڳالھ ٻولھ ٿي آهي ۽ انهن ڳالهين جي حوالي سان منهنجي سامهون ڪوئي به شرط نه رکيو، اسيمبلين ۾ واپس اچڻ جو انحصار حڪومت جي رويي تي آهي ڇو ته اسان جي طرفان بار بار جي يادگيرين ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان جي خاطرين جي باوجود ڪراچي آپريشن جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي اڄ تائين تشڪيل نه ڏني وئي آهي. يقينن مولانا فضل الرحمٰن صاحب ايم ڪيو ايم جي مذاڪراتي ڪميٽي جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندا ۽ ان ڳالھ ٻولھ جا نڪتا رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي گڏيل اجلاس ۾ ڊسڪس ڪيا ويندا ۽ اسان جي جائز ڳالهين تي حڪومت کي غور ڪرڻو پوندو ۽ حڪومت جي جائز ڳالهين تي اسان به سوچينداسين. جيڪڏهن حڪومت جي طرفان اها شرط عائد ڪئي وئي ته ايم ڪيو ايم جو فلاحي ادارو بند ڪيو وڃي ته اسان بلڪل بند ڪري ڇڏينداسين پر پوءِ حڪومت کي به سڄي پاڪستان ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي فلاحي ادارن کي به بند ڪرڻو پوندو. ڪراچي پاڪستان جو حصو آهي ۽ 

صرف ڪراچي جي حوالي سان امتيازي يا الڳ قانون بڻجندو ته پوءِ اسان به عوامي خواهشن ۽ مطالبن تي غور ڪنداسين. سنڌ جي شهري علائقن جا عوام ڀلي اهي مهاجر هجن، سنڌي، پختون، بلوچ، پنجابي، سرائيڪي ، ڪشميري يا هزاري وال هجن هر قوم جي ٻچي ٻچي جو اهو مطالبو آهي ته ڪراچي کي الڳ صوبو بڻايو وڃي. پوءِ صوبو بهتر سمجهندو ته ان کي ڇا رکڻو آهي يا ڇا نه رکڻو آهي. ڪراچي آپريشن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته اسان حراست جي دوران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، اڻ ڄاتل قاتلن جي هٿان قتل جي واقعن ۽ گرفتار ڪرڻ کان پوءِ ڪارڪنن کي لاپتا ڪري ڇڏڻ جي واقعن جي شڪايت گذريل ٻن سالن کان هر اداري سان ڪري رهيا آهيون. هر اسير ۽ لاپتا ماڻهو جي پٽيشن عدالت ۾ دائر آهي پر عدالت به اسان کي رليف فراهم نه ڪيو. سنڌ حڪومت جي طرفان اسان کي انصاف نه ڏنو ويو ۽ جڏهن ڪوئي ٻيو رستو نه رهيو ته پوءِ اسان اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويا سين ته ان ظلم ۽ ناانصافين جي خلاف جڏهن ڪا قرارداد به پاس نه ڪئي وڃي ته اهڙين اسيمبلين ۾ ويهڻ جو ڪوئي به فائدو نه آهي. انهن فرمايو ته اڃان حڪومت سان ڳالهين جو آغاز نه ٿيو آهي ان جي ڪري استعيفٰي واپس وٺڻ يا ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي حوالي سان ڪجھ چوڻ وقت کان اڳ هوندو.  انهن فرمايو ته ڪجھ ٽي وي چينل ۽ اينڪر پرسنَ ايم ڪيو ايم ۾ گروپ بندي جون افواهون ڦيلائي رهيا هئا ته هاڻي ايم ڪيو ايم ٽٽي وئي پر اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ جڏهن جو هر هنڌ رينجر تعينات هئي ۽ تمام تر رڪاوٽن ۽ پابندين جي باوجود ايم ڪيو ايم تقريبن هڪ لک ووٽ حاصل ڪيا ۽ ايم ڪيو ايم جي سمورن ميمبرن  پنهنجا استعيفا پيش ڪري  دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته پوري ايم ڪيو ايم هڪ صفحي تي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن فرمايو ته جنرل راحيل شريف ايماندار ۽ پروفيشنل سپاهي آهن. انهن جي خاندان کي ٻه نشان حيدر حاصل هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. جنرل راحيل شريف جي سامهون حڪومت ۽ ادارن جي طرفان رپورٽون پهچايون وڃن ٿيون. پر جيستائين اهي ٻئي ڌر کي نه ٻڌندا ته اهي اهو فيصلو ڪيئن ڪري سگهندا ته ڪراچي آپريشن جانبدارانه آهي يا غيرجابندارانه آهي. يقينن اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي ڪيل ظلمن جي حوالي سان وزير اعظم پاڪستان سان مشورو ڪري چوندا ته جيڪو نقصان ٿي چڪو آهي حڪومت انهن جو ازالو ڪري ۽ متاثرن کي معاوضو ادا ڪري. مون کي يقين آهي ته جنرل راحيل شريف ان حوالي سان مثبت ڪردار ادا ڪندا. ان حوالي سان ڊاڪٽر فاروق ستار جي ڪورڪمانڊر سان ڳالھ ٻولھ ٿي آهي ۽ يقينن ڪورڪمانڊر اسان جي ڳالھ آرمي چيف تائين پهچائيندا .  مائنس الطاف فارمولي جي حوالي سان پچيل هڪ سوال تي جناب الطاف حسين فرمايو ته حقيقي دهشت گردن کي رينجر جي سرپرستي ۾ لانڍي، ملير ۽ ٻين علائقن ۾ آندو ويو آهي. اهي حقيقتون ٻڌائڻ تي چيو وڃي ٿو ته مان فوج جي خلاف آهيان، مان فوج جي خلاف ڪيئن ٿي سگهان ٿو ، اسان جي بزرگن قربانيون ڏيئي ڪري اهو ملڪ بڻايو آهي. حڪومت ۽ انتظاميه جي ظلم ۽ ناانصافين جي خلاف ايم ڪيو ايم جي عوامي نمائندن جا استعيفٰي مائنس الطاف فارمولي جو جواب آهن. تحريڪ انصاف جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته تحريڪ انصاف وارا نيڪ ماڻهو آهن، طالبان، القائده ۽ داعش جي ويجهو آهن. انهن نيڪ ماڻهن وٽ فرشتا اچن ٿا جيڪي انهن کي ٻڌائين ٿا ته ڊسمبر تائين ڪراچي پي ٽي آئي جي حوالي ڪئي ويندي. اسان پي ٽي آئي وارن جي انهن فرشتن کان به واقف آهيون ۽ ڪپتان ڌرڻي جي دوران جنهن آڱر جو بار بار ذڪر ڪندا رهيا آهن ان امپائر کان به مان واقف آهيان. پر حقيقت اها آهي ته امپائر جي آڱر ته نه اٿي پر ڌرڻو اٿي ويو. انٽرويو جي آخر ۾ جناب الطاف حسين اهو شعر به پڙهيو ته 
ان کا جو ڪام هي وه اهل سياست جانين
ميرا پيغام محبت هي ، جهان تڪ پهنچي.
*****

6/30/2024 5:47:45 AM