Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ جعلي کير بڻائڻ ۽ وکڻڻ جي ڪاروبار تي ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.


ڪراچي ۾ جعلي کير بڻائڻ ۽ وکڻڻ جي ڪاروبار تي ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 8/15/2015
ڪراچي ۾ جعلي کير بڻائڻ ۽ وکڻڻ جي ڪاروبار تي ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 15 آگسٽ 2015 
          قومي اسيمبلي جي حق پرست ميمبرن ڪراچي ۾ جعلي کير بڻائڻ ۽ وکڻڻ جي ڪاروبار جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته انساني صحت جي لاءِ انتهائي نقصانڪار کير بڻائڻ وارين فيڪٽرين کي فوري طور تي بند ڪرايو وڃي. پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته جعلي کير بڻائڻ ۽ وکڻڻ جي مڪروھ ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهو هڪ وڏو ڏوھ ڪري رهيا آهن جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته جعلي کير ۾ ايمونيم جي تعداد تمام گهڻي هوندي آهي جنهن سان ماڻهن ۾ بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته اهو سلوپوائزن به آهي جنهن سان ماڻهن خصوصن ٻارن جي زندگي کي سخت خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ جعلي کير بڻائڻ جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور تي گرفتارڪرائين ۽ جعلي کير جي فيڪٽرين جو ليبارٽرين مان ٽيسٽ به ڪرايو وڃي ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. 
*****

6/30/2024 5:47:06 AM