Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي انٽرويو ۾ ڪائي به قابل اعتراض ڳالھ ثابت ڪئي وڃي ته هڪ ڪروڙ روپين جو انعام ڏنو ويندو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي انٽرويو ۾ ڪائي به قابل اعتراض ڳالھ ثابت ڪئي وڃي ته هڪ ڪروڙ روپين جو انعام ڏنو ويندو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 8/25/2015
هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي انٽرويو ۾ ڪائي به قابل اعتراض ڳالھ ثابت ڪئي وڃي ته هڪ ڪروڙ روپين جو انعام ڏنو ويندو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
پيمرا جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ ريڪارڊ ڪيل انٽرويو کي روڪي ڪري اظهار رائي جي آزادي جي آئين شڪني ڪئي وئي آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 25 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته گذريل پوين ڏينهن ۾ هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي انٽرويو کي پيمرا جي طرفان لڳايل غير قانوني پابندي جي ڪري ٽيلي ڪاسٽ نه ڪيو ويو هو. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي محب وطن پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته اهي محترم قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي ان انٽرويو کي غور سان ٻڌن ۽ ان ۾ ان ڳالھ جي نشاندهي ڪن ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڇا ڪنهن طرح به ملڪ جي سالميت ۽ ان جي خلاف ڪائي ڳالھ ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ قابل اعتراض ڳالھ جيڪڏهن ڪوئي ثابت ڪري ڇڏي ته رابطا ڪميٽي جي طرفان هڪ ڪروڙ روپين جو انعام ڏنو ويندو. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين جي خطابن تي پابندي ۽ ريڪارڊ ڪيل انٽرويو کي روڪي ڪري پيمرا اظهار رائي جي آزادي جي آئين شڪني آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته پيمرا جي طرفان غريب ۽ وچولي طبقي جي قائد جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ انٽرويو نشر ڪرڻ تي لڳايل پابندي بلڪل آئين جي خلاف آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته پابندي جي ڪري ئي جناب الطاف حسين جي انٽرويو کي سوشل ميڊيا جي سائيٽ تي جاري ڪيو ويو آهي جنهن کي لکين ماڻهن شيئر ڪيو ۽ ان انٽرويو کي نشر ٿيڻ تي وڏي خوشي جو اظهار به ڪيو. رابطا ڪميٽي چيو ته مذڪوره انٽرويو ۾ جناب الطاف حسين ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهن ته مان رينجر جي خلاف نه آهيان، مان پاڪ فوج جي لاءِ ريلي ڪڍي ڪري لکين ڪارڪنن کان پاڪ فوج کي سلام پيش ڪرايو، انهن فرمايو ته پاڪ فوج منهنجي فوج آهي، اچو فوجيو اسان کي سيني سان لڳايو، اسان صرف سينا نه ملائينداسين پر پاڪستان جي خاطر ۽ ان جي حفاظت جي خاطر پنهنجيون منڍيون به وڍرائينداسين. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين پاڪ فوج کي چيو ته جن سچن پاڪستانين پاڪستان جي خاطر پنهنجن ابن ڏاڏن جون قبرون ، يادگارون ۽ سڀ ڪجھ ڇڏيو ۽ 20 لک جانين جو نذرانو پيش ڪيو انهن کي به سيني سان لڳايو. رابطا ڪميٽي چيو ته جناب الطاف حسين جو مذڪوره انٽرويو ايم ڪيو ايم جي آفيشل ويب سائيٽ ايم ڪيو ايم ڊاٽ او آر جي تي به اپ لوڊ ڪيو ويو آهي. جناب الطاف حسين جي هن انٽرويو جون هزارين ڪاپيون ڊي وي ڊي  ۽ سي ڊي ٺهرائي ڪري ملڪ جي چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان به روانا ڪيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ، همدردن ۽ حق پرست عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي مذڪوره انٽرويو کي غور سان ٻڌن ۽ ايم ڪيو ايم مخالف قوتن جي پروفيگنڊن کي ناڪام بڻائي ڇڏين. 

6/30/2024 5:44:12 AM