وفاقي وزير احسن اقبال، سينيٽر نهال هاشمي، حاجي غلام علي، قومي اسيمبلي ميمبر شاهين شفيع، شرميلا فاروقي ۽ ٻين اسپتال ۾ وڃي ڪري رشيد گوڏيل جي عيادت ڪئي.
ڪراچي: 23 آگسٽ 2015
پاڪستان مسلم ليگ ن جي وفاقي وزير احسن اقبال، سينيٽر نهال هاشمي، فاٽا سان تعلق رکندڙ سينيٽر حاجي غلام علي، قومي اسيمبلي ميمبر شاهين شفيع ۽ شرميلا فاروقي لياقت نيشنل اسپتال ۾ وڃي ڪري رشيد گوڏيل جي عيادت ڪئي ، انهن جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو ۽ انهن کي گلدستا به پيش ڪيا. انهن رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته رشيد گوڏيل تي قاتلانه حملي ۾ ملوث وحشي دهشت گردن کي فوري طور تي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو وڃي. ان موقعي تي انهن رشيد گوڏيل جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****