Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي لڳاتار غير قانوني گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي لڳاتار غير قانوني گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 8/27/2015
ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي لڳاتار غير قانوني گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن: 27 آگسٽ 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي جي مختلف علائقن مان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم لياقت آباد يونٽ 164 جي ڪارڪنن شيخ ظهور ۽ شيخ امير جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر به آهن کي گلشن اقبال مان گرفتار ڪري ورتو. رينجر جي اهلڪارن ايم ڪيو ايم لياقت آباد سيڪٽر يونٽ 159 جي لاپتا ڪارڪن نديم احمد خان جي وڏي ڀاءُ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جاويد احمد خان کي به انهن جي گهر کان گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح رينجر وارن ايم ڪيو ايم سرجاني سيڪٽر يونٽ 4 جي ڪارڪن ارشد سعيد کي به انهن جي گهر کان گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته حڪومت جي طرفان اهو دعوٰي ڪيو پيو وڃي ته ڪراچي آپريشن مڪمل طور تي  غير جانبدار آهي پر ان دعوٰي جي بلڪل ابتڙ صرف ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن کي ئي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر نائن زيرو تي ته ٻه ڀيرا ڇاپو هنيو ۽ جناب الطاف حسين جي وڏي ڀيڻ محترمه سائره خاتون جي گهر تي به ڇاپو هنيو پر ٻئي ڪنهن به سياسي جماعت جي سربراھ جي گهر يا ان جي هيڊ ڪوارٽر تي ڇاپو نه هنيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي صدر مملڪت ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ سمورن گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد ڪرائين. 
*****

6/30/2024 5:47:00 AM