جناب الطاف حسين جي خطابن تي پابندي عائد ڪرڻ تي پيمرا جي خلاف اسلام آباد، ملتان، لاهور ۽ گجرانوالا ۾ احتجاجي مظاهرن جو انعقاد.
ڪراچي: 23 آگسٽ 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي خطابن کي ٽي وي چينلن تي نشر نه جي ڪرڻ جي خلاف ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام اسلام آباد، لاهور، ملتان ۽ گجرانوالا ۾ پيمرا جي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جن ۾ ذميوارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڪارڪنن پنهنجن هٿن ۾ جناب الطاف حسين جون تصويرون ۽ پلي ڪارڊ به کنيا هئا جن تي پيمرا جي خلاف نعرا درج هئا ۽ اهي جناب الطاف حسين جي حق ۾ زوردار نعرا به هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي مظاهرن کي خطاب ڪندي ذميوارن چيو ته جناب الطاف حسين جي خطابن تي پابندي عائد ڪري پيمرا جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن جي دل آزاري ڪئي آهي ۽ جيستائين جناب الطاف حسين جي خطابن تي لڳل پابندي ختم نه ٿي ڪئي وڃي اسان اهي احتجاجي مظاهرا ڪندا رهنداسين.
*****