Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

چنگ چي رڪشن تي پابندي جي ڪري شهرين جي مشڪلاتن ۽ پريشانين تي سنڌ اسيمبلي جي سابق حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


چنگ چي رڪشن تي پابندي جي ڪري شهرين جي مشڪلاتن ۽ پريشانين تي سنڌ اسيمبلي جي سابق حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 8/26/2015
چنگ چي رڪشن تي پابندي جي ڪري شهرين جي مشڪلاتن ۽ پريشانين تي سنڌ اسيمبلي جي سابق حق پرست ميمبرن جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
حڪومت شهرين جي سهولتن جي لاءِ گرين بس سروس سميت ٻيا  انتظام فوري طور تي ڪري. سابق ميمبر.
ڪراچي: 26 آگسٽ 2015 
            سنڌ اسيمبلي جي سابق حق پرست ميمبرن شهر ۾ چنگ چي رڪشن تي پابندي جي ڪري شهرين جي ڏکيائين ۽ پريشانين ۾ اضافي تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين جي لاءِ وڌندڙ آبادي جي مناسبت سان سفر جون سهولتون نه هجڻ جي برابر آهن ان جي ڪري حڪومت فوري طور تي گرين بس سروس سميت ٻيون سفر جون سهولتون فراهم ڪري. انهن چيو ته چنگ چي رڪشن تي پابندي کان پوءِ بسن جي مالڪن ڪراين ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان شهرين ۾ وڏي ڳڻتي پاتي وڃي ٿي. انهن چيو ته سنڌ هائي ڪورٽ چنگ چي رڪشن تي پابندي جو فيصلو ڏنو پر ان جي آڙ ۾ ٽريفڪ پوليس سي اين جي رڪشن جي خلاف ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جي ڪري شهري سستي سواري کان محروم ٿي ويا آهن. انهن اختيار رکندڙ ڌرين کان مطالبو ته چنگ چي رڪشن جي بندش جي ڪري شهرين کي پهچندڙ پريشانين جو فوري طور تي خاتمو ڪيو وڃي ۽ شهر ۾ گرين بس سروس فوري طور تي شروع ڪئي وڃي. 
*****

6/30/2024 5:46:57 AM