نثار کوڙو مهرباني ڪري قوم کي انهن قوتن جو نالو به ٻڌائي ڇڏي جيڪي سنڌ ۾ پي پي کي حڪومت ڪرڻ ڏيڻ نه ٿيون چاهين.ايم ڪيو ايم جا سينيئر ميمبر محمد اشفاق، ڊاڪٽر سليم دانش ۽ سيد مصطفٰي عزيز آبادي.
لنڊن: 28 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ميمبرن محمد اشفاق، ڊاڪٽر سليم دانش ۽ سيد مصطفٰي عزيز آبادي سنڌ جي سينيئر وزير نثار کوڙي جي ان بيان تي ته“ ڪجھ قوتون پي پي کي سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ ڏيڻ نه ٿيون چاهين” تي تبصرو ڪندي جناب نثار کوڙي کان سوال ڪيو ته مهرباني ڪري اهي قوم کي انهن قوتن جو نالو به ٻڌائي ڇڏين جيڪي سنڌ ۾ پي پي کي حڪومت ڪرڻ ڏيڻ نه ٿيون چاهين. انهن چيو ته نثار کوڙو صاحب سينيئر ليڊر آهن ۽ اسان جي خواهش آهي ته اهي اڌ ڳالھ ڪرڻ جي بجاءِ شينهن وانگر گجگوڙ ڪري صحيح ڳالھ ڪن ۽ اسان کي اميد آهي ته آئنده نثار کوڙو کلي ڪري انهن ڳجهن هٿن ۽ قوتن جا نالا ضرور ٻڌائيندا جيڪي پي پي جي حڪومت جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهي رهيون آهن.
*****