Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رشيد گوڏيل سان فون تي ڳالھ ٻولھ.


ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رشيد گوڏيل سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
 Posted on: 8/24/2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي رشيد گوڏيل سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
جناب الطاف حسين رشيد گوڏيل جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
الله تعالٰي ڪروڙين چاهڻ وارن جون دعائون ٻڌي ڪري اوهان کي ٻئي زندگي عطا ڪئي آهي. جناب الطاف حسين جي رشيد گوڏيل سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن: 24 آگسٽ 2015 
            ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين رشيد گوڏيل کي فون ڪري انهن جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. جناب الطاف حسين رشيد گوڏيل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي انتهائي جذباتي ۽ آبديده ٿي ويا ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي اوهان کي جلد کان جلد صحتيابي عطا فرمائي. رشيد گوڏيل تڪليف جي ڪري وڏي مشڪل سان لفظَ ادا ڪري رهيا هئا. پر ان جي باوجود انهن جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي. انهن جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪروڙين چاهڻ وارن جي دعائن تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو. جناب الطاف حسين رشيد گوڏيل سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اوهان سان ٿيندڙ دهشت گردي جي واقعي ۾ نه صرف مان غمگين هيس پر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سميت پوري قوم ڏکايل هئي ۽ سڀني اوهان جي صحت يابي جي لاءِ ڏينهن رات الله تعالٰي جي حضور دعائون به ڪيون. آخر ڪار الله تعالٰي ڪروڙين چاهڻ وارن جون دعائون ٻڌي ڪري اوهان کي ٻئي زندگي عطا ڪئي آهي. جنهن تي نه صرف مان بلڪه پوري قوم ۽ چاهڻ وارا الله تعالٰي جا شڪر گذار آهن. ان موقعي تي جناب الطاف حسين رشيد گوڏيل جي پٽ سان به ڳالھ ٻولھ ڪئي، انهن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي تلقين ڪئي ته اهي پنهنجي والد جو خيال رکن ۽ الله تعالٰي جو شڪر ادا ڪن.
*****

6/30/2024 5:45:29 AM