Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

دنيا جي ڪنهن به عدالت ۾ اهو ثابت ڪري سگهان ٿو ته ڪراچي آپريشن هڪ طرفو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


دنيا جي ڪنهن به عدالت ۾ اهو ثابت ڪري سگهان ٿو ته ڪراچي آپريشن هڪ طرفو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 8/27/2015
دنيا جي ڪنهن به عدالت ۾ اهو ثابت ڪري سگهان ٿو ته ڪراچي آپريشن هڪ طرفو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ان آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ماورائي عدالت قتل ۽ لاپتا ڪيو پيو وڃي.
جيڪڏهن اهو آپريشن ڏوهاري ماڻهن جي خلاف آهي ته ڪي ڪي ايف جي خلاف ڪاروائي ڇو ڪئي پئي وڃي؟
هن مهل تائين ڪرپشن جي ڪيسن ۾ صرف ڪراچي يا صوبي سنڌ مان گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، ڇا ڪرپشن جي لعنت صرف سنڌ ۾ آهي؟
ڪجھ ماڻهو ان آپريشن جو رخ غلط رستي ڏانهن موڙي رهيا آهن جنرل راحيل شريف ان جو نوٽس وٺن.
نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ تنظيمي شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب.
ڪراچي: 27 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته  ڪراچي آپريشن جي باري ۾ چيو ويو هو ته اهو ڪنهن سياسي جماعت جي خلاف نه ڪيو ويندو. بلڪه ڏوهارين، دهشت گردن، انتها پسند جهادي تنظيمن ۽ فرقي وارانه فساد ڪرڻ وارن جي خلاف ڪيو ويندو. پر ڪراچي ۾ آپريشن صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ٿي رهيو آهي. ان آپريشن جي دوران ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ماورائي عدالت قتل ۽ لاپتا ڪيو پيو وڃي. مان دنيا جي ڪنهن به عدالت ۾ اهو ثابت ڪري سگهان ٿو ته اهو آپريشن هڪ طرفو آهي.انهن جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان نيڪ نيتي سان آپريشن شروع ڪيو هو پر ڪجھ ماڻهو ان آپريشن جو رخ غلط رستي ڏانهن موڙي رهيا آهن. اوهان ان جو نوٽس وٺو. مان پاڪستان جو حامي هيس ۽ اڄ به آهيان. مان پاڪستان جو ڪالھ به خيرخواھ هيس ۽ اڄ به خير خواھ آهيان ۽ پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ چاهيان ٿو. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ تنظيمي شعبن جي ذميوارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ گيريزن آفيسرن کي خطاب ڪندي ان عزم کي ورجايو ته دهشت گردن ۽ ڏوهارين جي خلاف ڪراچي آپريشن جاري رهندو. دهشت گردن جي خلاف آپريشن ڪرڻ تمام سٺي ڳالھ آهي ۽ اهو همت ۽ جرت سان ڪندا رهن. پر صرف ڪراچي جو لفظ استعمال ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي طرفان پوري پاڪستان کان دهشت گردن جو صفايو ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي وڃي ها ته اهو مناسب هجي ها. جناب  الطاف حسين فرمايو ته اهو به لڳاتار چيو پيو وڃي ته ڪراچي آپريشن ڪنهن سياسي جماعت جي خلاف نه ٿي رهيو آهي پر اهو صرف دهشت گردن جي خلاف ٿي رهيو آهي. منهنجو سوال اهو آهي ته ڪراچي آپريشن ۾ مصروف قانون نافذ ڪرڻ وارين ايجنسين کي ڇا دهشت گرد ۽ ڏوهاري ماڻهو صرف ايم ڪيو ايم ۾ ئي نظر اچن ٿا ؟ جيڪا جو پوري پاڪستان ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي واحد نمائنده جماعت آهي. ايم ڪيو ايم کان سواءِ ملڪ جي باقي سمورين جماعتن ۾ جيڪڏهن فرشتا نه آهن ته پوءِ 2013 کان وٺي ڪري اڄ تائين ڪنهن هڪ به سياسي جماعت جي مرڪزي آفيس يا ان جي سربراھ جي گهر تي نه رينجر ڪوئي ڇاپو هنيو ۽ نه ئي ڪنهن رهنما جي گرفتاري عمل ۾ آئي. ان جي ڪري اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته اهو آپريشن ڪنهن هڪ جماعت جي خلاف نه ٿي رهيو آهي، حقيقت اها آهي ته ڪراچي آپريشن صرف هڪ ئي جماعت جي خلاف ٿي رهيو آهي.صرف متحده قومي موومينٽ جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. درجنين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو آهي ۽ درجنين ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل به ڪيو ويو آهي. نائن زيرو تي ٻه ڀيرا ڇاپو هنيو ويو ۽ قمر منصور جهڙي بي ضرر رهنما کي گرفتار ڪري حراست جي دوران تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جيڪي پهرين به گرفتار ڪيا ويا هئا ۽ حراست جي دوران وحشياڻي تشدد جي ڪري اهو سخت بيمار به آهن. الله تعالٰي انهن کي همت، حوصلو ۽ زندگي عطا فرمائي. آمين. جناب الطاف حسين فرمايو ته چيو پيو وڃي ته مان فوج ۽ فوجي آفيسرن جي خلاف تمام سخت جملا استعمال ڪيا. پر جڏهن منهنجن ساٿين کي غير قانوني طور تي گرفتار ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويندو، انهن جا ننهن ڇڪيا ويندا، انهن جو اکيون ڪڍيون وينديون ۽ پوءِ انهن کي ماورائي عدالت قتل ڪري انهن جون لاشون اڇلايون وينديون ۽ مان انهن جون تشدد ٿيل لاشون ڏسندس ته ماڻهو پاڻ ٿڌي دل سان سوچين ته انهن ساٿين کي گرفتار ڪرڻ وارا فوجي هجن يا رينجر جا اهلڪارهجن يا پوليس وارا هجن يا سي آئي اي وارا هجن جنهن به انهن کي گرفتار ڪيو هوندو انهن جي لاءِ منهنجي دل مان ڪهڙي دعا نڪرندي؟ فاتح قومون به مفتوحه قوم سان اهڙو ظلم نه ٿيون ڪن. انهن نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي طرفان صحابه ڪرام کي ڏنل هدايت جو ذڪر ڪندي فرمايو ته سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم هدات فرمائي ته جنگ جي دوران يا جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪنهن به عورت، ٻار يا ڪنهن بيمار ماڻهو کي قتل نه ڪجو، ايستائين جو ڇانوَ واري وڻ کي به نه وڍجو. جڏهن رينجر جي غير قانوني ڇاپن جي دوران امڙين، ڀينرن ۽ نياڻين کي بندوق جي بٽن سان تشدد جو نشانو بڻايو ويندو ۽ انهن جي باري ۾ گندي زبان استعمال ڪئي ويندي ته مان ائين ڪرڻ وارن کي بددعائون ضرور ڏنيون آهن پر مان پاڪ فوج ، رينجر ۽ پوليس جي شان ۾ قصيده  به پڙهيا آهن. هر ڏکئي وقت ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري جاني قربانيون پيش ڪرڻ جي بار بار پيشڪش به ڪئي آهي. دهشت گردن جي خلاف ضرب عضب جي حمايت جي لاءِ هڪ ملين ماڻهن جي ريلي به ڪڍي آهي.ان ريلي ۾ مون سميت 10 لک ماڻهن قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي سلام به پيش ڪيو. پر منهنجي ان مثبت عمل جو ڪوئي به ذڪر نه ٿو ڪري . جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪي ڳالهيون مون سان منسوب ڪيون پيون وڃن ان کان وڌيڪ سخت ڳالهيون ته عمران خان ، خواجه آصف، چوڌري نثار ۽ آصف علي زرداري ڪري چڪا آهن. آصف زرداري ته ايستائين به چيو آهي اهي فوجي جنرلن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيندا. پر ڪنهن به ان جو نوٽس نه ورتو. بس صرف ڪجھ با ضمير اينڪر پرسنن ۽ تجزيه نگارن کان سواءِ باقي سڀ مون کي برو ڀلو چوندا رهن ٿا. انهن جي طرفان صرف ايم ڪيو ايم ۾ ئي برايون تلاش ڪيون وڃن ٿيون ۽ انهن جي ويجهو ملڪ جون باقي سڀ جماعتون آب زم زم ۾ ڌوتل ۽ گنگا جمنا ۾ وهنجيل آهن. جناب الطاف حسين آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪراچي آپريشن جي مينڊيٽ جي حوالي سان وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ اپوزيشن جماعتن جي سربراهن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته جيڪڏهن انهن ۾ ذري برابر به الله سائين جو خوف آهي ته اهي ٽي وي تي اچي ڪري قوم کي ٻڌائين ته ان ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي چيف جنرل رضوان اختر جي موجودگي ۾ هن آپريشن جو ڇا مقصد طئي ڪيو ويو هو؟ هن آپريشن جو مينڊيٽ اهو هو ته اهو آپريشن پابندي وڌل تنظيمن، فرقي وارانه فساد ڪرائڻ وارن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ڪيو ويندو ۽ اهو آپريشن ڪنهن جماعت جي خلاف نه ڪيو ويندو. انهن تمام سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي سربراهن کي مخاطب ڪندي وڌيڪ فرمايو ته ڇا ان ڪانفرنس ۾ اهو مينڊيٽ ڏنو ويو هو ته  هر صوبي جي صوبائي حڪومت کي بائي باس ڪري پيرا ملٽري فورسز ۽ رينجر ڪرپشن جي به تحقيقات ڪنديون؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پاڻ ڪرپشن جي سخت خلاف آهيان. پر آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي اهو مينڊيٽ هرگز به نه ڏنو ويو هو. هن مهل تائين ڪرپشن جي ڪيسن ۾ صرف ڪراچي يا صوبي سنڌ کان گرفتاريون ڪيون پيون وڃن ۽ سنڌ جي حڪومت پوري ڪابينا سان گڏ بزدل بڻي ويٺي آهي. صرف هڪ ڀيرو وزير اعلٰي سنڌ خط لکي ڪري احتجاج ڪيو هو ته سوڪ سينٽر ، ڪي ايم سي يا ٻين سرڪاري ادارن تي ڇاپا هڻڻ رينجر جي اختيار ۾ نه آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هاڻي اهو الزام لڳايو پيو وڃي ته رشوت جو پيسو دهشت گردي ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته ڇا رشوت ۽ ڪرپشن جي لعنت صرف سنڌ ۾ آهي؟ ڇا پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ رشوت ۽ ڪرپشن نه آهي؟ رشوت ۽ ڪرپشن ۾ ملوث عناصر جي انهن صوبن ۾ اڄ تائين ڪائي گرفتاري عمل ۾ ڇو نه آئي آهي؟  انهن وڌيڪ پچيو ته ڇا آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي جي چيف جنرل رضوان اختر جي موجودگي ۾ اهو چيو ويو هو ته ڪي ڪي ايف کي زڪوٰت، فطرو ۽ قرباني جون کلون جمع ڪرڻ نه ڏنيون وينديون. ؟ ان تي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري چيو ته هرگز به نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته رينجر پوري پاڪستان ۾ صرف ڪي ڪي ايف کي زڪوٰت ۽ فطرو جمع ڪرڻ نه ڏنو . جنهن سان حاصل ٿيندڙ رقم مان شهيدن جي پونئرن ، غريب بيوائن، يتيمن،غريب شاگردن ۽ نادارن جي مدد ڪئي وڃي ٿي. رينجر جي طرفان حال ئي ۾ اهو بيان به ڏنو ويو آهي ته ڪنهن به سياسي جماعت کي قرباني جون کلون جمع ڪرڻ نه ڏنيون وينديون. يعني صرف ايم ڪيو ايم کي قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ کان روڪيو ويندو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اهو آپريشن ڏوهاري ماڻهن جي خلاف آهي ته ڪي ڪي ايف جي خلاف ڪاروائي ڇو ڪئي پئي وڃي؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته بحيثيت آرمي چيف جنرل راحيل شريف به ان کليل جانبداري جي خلاف ايڪشن نه ٿا وٺن جنهن جو مون کي وڏو افسوس آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڇا اي پي سي ۾ اهو به چيو ويو هو ته ڪنهن به سياسي جماعت جي سربراھ جي تقرير کي ٽي وي تي لائيو نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي؟ انهن فرمايو ته ملڪ جو ڪهڙو اهڙو سياسي ليڊر آهي جنهن فوج تي تنقيد نه ڪئي هجي. ڪنهن فوج  جي جنرلن کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ جي ڳالھ ڪئي ته ڪنهن جنرل پاشا ۽ جنرل ظهير الاسلام تي ڌرڻي جي حمايت جو الزام لڳايو ۽ ڪنهن فوج تي سخت تنقيد ڪئي پر اڄ اهڙي ڪنهن به ليڊر جي تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي عائد نه آهي. جڏهن ته الطاف حسين جي تقرير نشر ڪرڻ تي پابندي عائد آهي. پوءِ ان آپريشن کي غير جانبدارانه ڪيئن قرار ڏيئي سگهجي ٿو؟ انهن فرمايو ته مان دنيا جي ڪنهن به عدالت ۾ اهو ثابت ڪري سگهان ٿو ته اهو آپريشن جانبدارانه آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪالھ آرمي چيف جنرل راحيل شريف صاحب اهو به چيو ته اهو آپريشن ڪنهن جي به خلاف نه آهي بلڪه اهو صرف دهشت گردن جي خلاف آهي. انهن فرمايو ته مان نهايت ادب سان جنرل راحيل شريف صاحب کان اهو سوال ڪريان ٿو ته دنيا جي ڪهڙي آئين يا قانون ۾ اهو لکيل آهي ته ڪنهن جي به تقرير ٻڌڻ وارن تي مقدمو بڻايو وڃي. ايم ڪيو ايم جي سمورن ايم اين ايز، سينيٽرن، ايستائين جو خواتين ارڪان پارليامينٽ تي به مقدما قائم ڪيا ويا آهن ته انهن الطاف حسين جي تقرير ٻڌي ۽ ان تي تاڙيون به وڄايون هيون. انهن فرمايو ته اوهان پسند ڪريو يا نه ڪريو پر ٽڪاڻڻ ۾ به جڏهن گهنٽي وڄائي وڃي ٿي ته ان کي صرف هندو ئي نه ٿو ٻڌي پر مسلمان به ٻڌي ٿو. عيسائي به ٻڌي ٿو، گرجا گهر ۾ جڏهن گهنٽو وڄي ٿو ته ان کي صرف عيسائي ئي نه بلڪه مسلمان به ٻڌي ٿو. اهڙي طرح جڏهن اذان ڏني وڃي ٿي ته ان کي نه صرف مسلمان ٻڌن ٿا بلڪه ان کي عيسائي به ٻڌن ٿا. پر ڇا مندرجي گهنٽي، گرجا گهر جو گهنٽو يا مسجد ۾ اذان ٻڌڻ تي ڪنهن جي خلاف ڪوئي مقدمو قائم ڪري سگهجي ٿو؟ پاڪستان جي آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته ڪنهن جي تقرير ٻڌڻ  ڏوھ آهي؟ نواز شريف جي تقرير ٿئي ٿي ته ان کي ان جا حامي ٻڌن ٿا ۽ مخالف به ٻڌن ٿا. مولانا فضل الرحمٰن جي تقرير کي انهن جا مخالف به ٻڌن ٿا. آصف علي زرداري جي تقرير کي انهن جا حامي به ٻڌن ٿا ۽ مخالف به ، پر انهن تي ته ڪوئي به مقدمو نه ٿو بڻجي، پر منهنجي تقرير ٻڌڻ وارن تي مقدمو ڇو بڻجي ٿو. پوءِ اهو آپرييشن غيرجانبدارانه ڪيئن ٿي ويو. اهو آپريشن بلڪل جانبدارانه آهي. جناب الطاف حسين آرمي جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ايمانداري جو تقاضا اهو آهي ته جن منهنجي تقرير ٻڌي ڪري منهنجي تقرير کي غداري سان تعبير ڪيو ۽ تقرير ٻڌڻ  وارن تي  غداري جو مقدمو قائم ڪيو آهي انهن تي به مقدمو قائم ڪيو وڃي. مان ته فوج جي ڀرپور حمايت ڪئي، فوج جي حمايت ۾ هڪ ملين جي ريلي به ڪڍي، مان اٿي بيهي ڪري فوج کي سلوٽ به پيش ڪيو ۽ ضرب عضب جي لاءِ 10 لک ڪارڪن ڏيڻ جي پيشڪش به ڪئي پر ان جو بدلو اهو ڏنو ويو ته منهنجي تقرير تي پابندي لڳائي وئي ۽ مون کي غدار قرار ڏنو ويو .مان پاڪستان جو ڪالھ به حامي هيس ۽  اڄ به آهيان. مان پاڪستان جو ڪالھ به خيرخواھ هيس ۽ اڄ به خيرخواھ آهيان ۽ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ڏسڻ چاهيان ٿو. انهن جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان نيڪ نيتي سان آپريشن شروع ڪيو هو. پر ڪجھ ماڻهو ان آپريشن جو رخ غلط رستي ڏانهن موڙي رهيا آهن. اوهان ان جو نوٽس وٺو. رينجر وارا ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪار اچن ٿا۽ اسان جي بي گناھ ماڻهن کي پڪڙي ڪري غائب ڪري  ڇڏين ٿا. پر ان ظلم تي اسان اڄ تائين قانون هٿن ۾ نه کنيو آهي. اسان ان ظلم تي ڪاوڙ ۽ فرياد ضرور ڪريون ٿا. پر قانون هٿن ۾ نه ٿا کڻون. انهن فرمايو ته جڏهن زمين تي بي گناهن تي ظلم بند نه ٿو ٿئي ته قدرت جو نظام ۽ انصاف حرڪت ۾ اچي ٿو ۽ ظلم ڪرڻ وارن سان نڀري ٿو. انهن ان موقعي تي قرآن مجيد جي سوره فيل به پڙهي ۽ ان جو ترجمو ۽ تفسير به پيش ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جي ممتاز ۽ سينيئر اينڪر پرسن سليم صافي منهنجو تفصيلي انٽرويو ورتو. جنهن ۾ مان ملڪ جي حوالي سان اهم ڳالهيون ڪيون آهن. ملي نغمو ڳايو ۽ پاڪستان زنده باد جو نعرو به لڳايو. پر منهنجو اهو انٽرويو نشر  ٿيڻ کان روڪيو ويو. جناب الطاف حسين سمورن ذميوارن کي تلقين ڪئي ته اهي پرعزم رهن، پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ تمام تر ڏکين حالتن جي باوجود ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي سان تحريڪي جدوجهد جاري رکن انشاء الله تعالٰي ڪاميابي اوهان جا قدم چمندي. 
****

6/30/2024 5:46:37 AM