قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ايم ڪيو ايم جي سي اي سي ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن محترمه شمع منشي سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
جناب الطاف حسين شمع منشي جي والد قطب الدين جي وفات تي انهن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.
لنڊن: 25 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي سي اي سي ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن شمع منشي سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي انهن جي والد قطب الدين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين محترمه شمع منشي سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****