Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اڄ سنڌ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي ان جي ذميوار صرف پي پي جي قيادت آهي. رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.


اڄ سنڌ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي ان جي ذميوار صرف پي پي جي قيادت آهي. رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
 Posted on: 8/27/2015
اڄ سنڌ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي ان جي ذميوار صرف پي پي جي قيادت آهي. رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
پي پي جي قيادت ٻن سالن کان ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري بدترين رياستي آپريشن تي خوشي ۾ جهمريون پائيندي رهي آهي.
پي پي جي پوري قيادت کلي ڪري آپريشن جي مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام جي مخالفت به ڪئي. نديم نصرت.
لنڊن: 27 آگسٽ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت نيب جي ڪاروائين تي پي پي جي قائدين جي بيانن تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته اڄ سنڌ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي ان جي ذميوار ڪوئي ٻيو نه صرف ۽ صرف پي پي جي قيادت آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته اڄ نيب جي طرفان پي پي جي ڪجھ شخصيتن جي خلاف ڪاروائي تي پي پي جي جيڪا قيادت پاڪستان جي وجود ۽ استحڪام جي باري ۾ سوال اٿاري رهي آهي. پي پي جي اها ئي قيادت سنڌ ۾ ٻن سالن کان ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري بدترين رياستي آپريشن تي خوشي ۾ جهمريون پائيندي رهي آهي. گذريل ٻن سالن کان پي پي جي حڪومت ۾ سنڌ جي شهري علائقن ۾ مهاجرن ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف جيڪو رياستي ظلم جاري آهي اهو ڪنهن کان به لڪيل نه آهن. پر پي پي انهن ظلمن کي روڪرائڻ ۽ انهن ظلمن جي خلاف آواز اٿارڻ ته ٺهيو ابتڙ انهن ظلمن تي هميشه خوشي ۾ جهمريون پاتيون. ايستائين جو ماورائي عدالت قتلن کي به جائز قرار ڏنو. جڏهن مارچ ۾ ايم ڪيو ايم جي ووٽن سان پي پي سينيٽ جي چيئرمين شپ کٽي ورتي ته ان جي فقط 24 ڪلاڪن کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن ڇاپو هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي ڏيڍھ سو کان وڌيڪ ذميوارن، ڪارڪنن ۽ پاڙي وارن کي گرفتار ڪري ورتو، انهن جي اکين تي پٽيون ٻڌي ڪري جنگي ڏوهارين وانگر انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو. پر افسوس جو پنهنجي اتحادي جماعت سان ٿيندڙ ان سلوڪ تي پي پي ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏيڻ جي بجاءِ ان ظلم جو دفاع ڪيو. نديم نصرت چيو ته ايم ڪيو ايم جڏهن به سنڌ ۾ آپريشن جي نگراني جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ته پي پي جي پوري قيادت کلي ڪري ان مطالبي جي مخالفت ڪئي ۽ وزير اعلٰي قائم علي شاھ تڪبر ۾ اچي ڪري اهو به چيو ته مان ان آپريشن جو ڪپتان آهيان ۽ منهنجي هوندي ڪنهن به ڪميٽي جي ڪابه گهرج نه آهي. انهن چيو ته پي پي جي پوري قيادت جا اهي بيان ريڪارڊ تي موجود آهن جن ۾ انهن ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن جي بار بار حمايت ڪئي ۽ رينجر جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. اهو ئي نه بلڪه جڏهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين  هن آپريشن جي طريقي ڪار تي تنقيد ڪئي ته انهن جي خلاف مقدما سڀني کان پهرين ٻهراڙي سنڌ جي پي پي وارن حلقن ۾ ئي درج ڪرايا ويا. جيڪي وزير اعلٰي سنڌ ۽ پي پي جي صوبائي وزير داخلا جي حڪمن تي درج ڪيا ويا . نديم نصرت چيو ته گذريل ٻن سالن جي دوران ڪيترائي ڀيرا اهڙا موقعا به آيا جو جڏهن سنڌ جي شهري  ۽ ٻهراڙي  جا عوام صوبي ۾ جاري آپريشن ۾ ٿيندڙ غير قانوني ۽ غير انساني قدمن جي خلاف متحد ٿي ڪري احتجاج به ڪري سگهن پيا ۽ سنڌ ۾ ڀائي چاري جي فضا به قائم ڪري سگهن پيا. پر پي پي فقط ايم ڪيو ايم کي ڪڇلڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ ان فضا کي لڳاتار لتاڙيو. اڄ پي پي جي شريڪ چيئرمين کي ڪراچي آپريشن غير منصفانه نظر اچي رهيو آهي. پر پي پي جي شريڪ چيئرمين وزير اعلٰي سنڌ کي سنڌ ۾ رينجر جي قيام ۾ هڪ سال جي توسيع جي هدايت ڪئي ۽ پوءِ انهن ئي جي هدايت تي سنڌ حڪومت 8 آگسٽ تي رينجر جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس جي اختيارن ۾ اضافي جو نوٽيفيڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو. نديم نصرت چيو ته پي پي جي قيادت ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت اهي اقدام صرف ۽ صرف رينجر کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ان اميد ۾ کنيا هئا ته ان آپريشن ۾ صرف ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو ويندو ۽ پي پي کي بخشيو ويندو. پر اڄ جڏهن پي پي جي ڪجھ ماڻهن کي ڪرپشن جي الزامن ۾ پڪڙيو ويو آهي ته پي پي جي قيادت کي پهريون ڀيرو ڪراچي آپريشن  ۾ خرابيون نظر اچي رهيون آهن. پي پي جي قيادت ايم ڪيو ايم تي ٿيندڙ زيادتين کي هميشه جائز قرار ڏيندي ان کي مشورو ڏنو آهي ته اها انهن الزامن جو سامنو ڪري. پر اڄ پي پي کي به پنهنجي مٿان لڳل الزامن جو سامنو ڪرڻ گهرجي. نديم نصرت چيو ته ڪنڊن جا ٻڄ پوکي ڪري گل نه ٿا ڦٽائي سگهجن. پي پي جيڪو ڪجھ پوکيو آهي اهو ان کي ئي لڻڻو پوندو. 
*****

6/30/2024 5:46:21 AM