ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي جي ميمبر نبيل احمد جي والد عبدالحي خان جي وفات تي رابطا ڪميٽي جي طرفان افسوس جو اظهار.
ڪراچي: 23 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم علماء ڪميٽي جي ميمبر نبيل احمد جي والد عبدالحي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه مرحوم جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب ۽ ٻين کان علاوه مرحوم جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
*****