ايم ڪيو ايم جي شعبي سي اي سي جي ميمبر شمع منشي جي والد قطب الدين جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 24 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سي اي سي ميمبر شمع منشي جي والد قطب الدين جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين شمع منشي سميت مرحوم جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****