Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڏوهارين کي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ دهشت گردن ۾ فرق ڪيو وڃي. محفوظ يار خان.


ڏوهارين کي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ دهشت گردن ۾ فرق ڪيو وڃي. محفوظ يار خان.
 Posted on: 7/22/2015
ڏوهارين کي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ دهشت گردن ۾ فرق ڪيو وڃي. محفوظ يار خان.
قمر منصور سخت تڪليف ۾ آهن پر انهن کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ جي بجاءِ 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر کي ڏنو ويو آهي.
ايم ڪيو ايم جي ليگل ايڊ ڪميٽي جي صدر محفوظ يار خان جي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 22 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي ليگل ايڊ ڪميٽي جي صدر محفوظ يار خان  چيو آهي ته رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي جهڙي طرح رينجر جي طرفان دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ جنگي قيدين وانگر منھ تي ڪپڙو وجهي ڪري پيش ڪيو ويو آهي اهو قابل مذمت آهي. قمر منصور سخت تڪليف جي ڪري بيهڻ کان به قاصر هئا ۽ رينجر اهلڪار عدالت ۾ انهن کي سهارو ڏيئي ڪري وٺي اچي رهيا هئا. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ليگل ايڊ ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. محفوظ يار خان چيو ته قمر منصور معزز جج صاحب کي پنهنجي تڪليف کان آگاھ ڪيو ۽ انهن کي ٻڌايو ته اهي تشدد جي ڪري بيهڻ کان به قاصر آهن. ڇو ته 1992 ۾ سرڪاري اهلڪارن جي سخت تشدد جي ڪري انهن جي پٽي جي هڏي پنهنجي جڳھ کان هٽي وئي هئي. انهن چيو ته قمر منصور معزز جج صاحب کي جتي جتي انهن علاج ڪرايو آهي انهن اسپتالن جا نالا به ڏنا. پر عدالت اهو سڀ ڪجھ ٻڌڻ کان پوءِ به انهن کي اسپتال نه موڪليو ۽ انهن کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي تحويل ۾ ڏيئي ڇڏيو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن تي ٽئين درجي جو تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ انهن سان دهشت گردن جهڙو ورتاءٌ ڪيو پيو وڃي. انهن چيو ته ڏوهارين کي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر معزز جج صاحب ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ دهشت گردن ۾ فرق ڪن. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جو فلسفو امن پسندي جو آهي، جنهن ملڪ جي فرسوده نظام ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته پي پي، ن ليگ ۽ تحريڪ انصاف سميت ٻين جماعتن جي سربراهن پاڪ فوج جي خلاف غلط زبان استعمال ڪئي پر انهن سان ته اهڙو ورتاءُ نه ٿو ڪيو وڃي. انهن وڌيڪ چيو ته مهاجرن جي مينڊيٽ کي طاقت جي ذريعي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. انهن انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته اهي دهشت گردي ٽوڙ قانونن جي سنگين خلاف ورزين جو جائزو وٺن. انهن چيو ته ليگل ايڊ ڪميٽي قمر منصور جي ميڊيڪل رپورٽ جو به جائزو وٺندي ۽ انهن جي 90 ڏينهن جي ريمانڊ کي عدالت ۾ چيلنج ڪندي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ ڪارڪنن سان جنگي قيدين جهڙو سلوڪ فوري طور تي بند ڪرائين، قمر منصور ۽ ٻين ڪارڪنن تي تشدد فوري طور تي بند ڪرائين ۽ قمر منصور کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرائين. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته اسان کي 1973 جي آئين ۽ عدالتن تي مڪمل اعتماد آهي پر جتي انساني حقن جي خلاف ورزي ٿيندي اتي اسان آواز ضرور بلند ڪنداسين. 
*****

6/30/2024 5:47:06 AM