ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل، ڇاپن ۽ گرفتارين جي خلاف ايم ڪيو ايم ٽورنٽو ۽ ڪيلگري سميت ڪينيڊا جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا.
ٽورنٽو؛ 21 جولائي 2015
ڪراچي ۾ سرڪاري اهلڪارن جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل ، ڇاپن، گرفتارين ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خلاف ايم ڪيو ايم ٽورنٽو ۽ ڪيلگري سميت ڪينيڊا جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. جن ۾ ڪينيڊا جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ عوام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرن جي شرڪاء کي خطاب ڪندي ڪينيڊا جي سينٽرل آرگنائيزر آصف قاضي چيو ته پاڪستان ۾ شهرين تي غير انساني تشدد، ڏاڍ ۽ لاقانونيت مسلط ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ماورائي عدالت قتل ، آئين ۽ قانون جي بنيادي حقن جي به کليل خلاف ورزيون ڪيون پيون وڃن. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ آپريشن کي ڏوهاري ماڻهن جي بجاءِ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙڻ جو غير قانوني عمل بند ڪرائين. مظاهري ۾ هڪ قرارداد به پيش ڪئي وئي جنهن ۾ جناب الطاف حسين سان پنهنجي وعدي جي تجديد ڪئي وئي.
*****