Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اي آر وائي چينل جي طرفان مهاجر دشمن رويي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار زهر اڳرڻ جي خلاف 24 جولائي بروز جمعي تي منجهند 30 :3 وڳي ڪراچي صدر ۾ اي آر وائي جي هيڊ آفيس جي سامهون پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جو اعلان.

 Posted on: 7/23/2015

ڪراچي؛ 23 جولائي 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اي آر وائي جي طرفان مهاجر دشمني ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف لڳاتار زهر اڳرڻ جي خلاف 24 جولائي بروز جمعي تي منجهند 30 :3 وڳي ڪراچي صدر ۾ اي آر وائي جي هيڊ آفيس جي سامهون هڪ وڏي پرامن احتجاجي مظاهري جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪيمٽي چيو ته اي آر وائي ملڪ جي بدنام قاتلن کي آڻي ايم ڪيو ايم جي خلاف بڪواس ۽ بيهوده زبان استعمال ڪرائي، مهاجر قوم کي دهشت گرد ثابت ڪرڻ  ۽ ان کي دنيا جي خراب ترين قوم قرار ڏيڻ جي غرض سان من گهڙت ۽ ڪوڙيون رپورٽون ۽ ڪهاڻيون نشر ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيون ويٺو آهي ته جيئن دنيا کي ايم ڪيوايم کان متنفر ڪري سگهجي. ان مقصد جي لاءِ اي آر وائي کي سرڪاري ايجنسين وڏا پيسا به ڏنا آهن.ان جو ثبوت اهو آهي ته وزير دفاع خواجه آصف جن پنهنجي حاليه ٽي وي انٽرويو ۾ اهو انڪشاف ڪيو هو ته آئي ايس آئي جي سابق سربراهن جنرل جنرل شجاع پاشا ۽ ظهير السلام لنڊن پلان جي تحت عمران خان کان ڌرڻو ڏيارڻ جو منصوبو بڻايو ۽ انهن کي سرمائيدارن کان وڏا پيسا به ڏياريا ۽ ان مقصد جي لاءِ ٽي وي چينلن کي به استعمال ڪيو ويو. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي ڪارڪن ۽ حق پرست عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ان مظاهري ۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪن. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان سميت سڄي ملڪ جي عوام کي  به  اپيل ڪئي ته اهي پنهنجن شهرن جي پريس ڪلبن جي سامهون احتجاجي مظاهرا ڪن. 

6/30/2024 5:44:11 AM