Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم سينيئر قانون دان ڊاڪٽر محفوظ يار خان کي ليگل ايڊ ڪميٽي جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو.


ايم ڪيو ايم سينيئر قانون دان ڊاڪٽر محفوظ يار خان کي ليگل ايڊ ڪميٽي جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 7/21/2015
ايم ڪيو ايم سينيئر قانون دان ڊاڪٽر محفوظ يار خان کي ليگل ايڊ ڪميٽي جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو.
لنڊن؛ 21 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي سربراهي ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت به شريڪ هئا. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي رهنمائن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي غير قانوني ۽ غير آئيني گرفتارين تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ گرفتار ٿيلن جي قانوني مدد جي حوالي سان مختلف تجويزون تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ گرفتار ٿيلن جي قانوني معاونت جي نظام کي وڌيڪ بهتر ۽ منظم بڻائڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ليگل ايڊ ڪميٽي  جي تنظيم نو تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ گڏيل طور تي سينيئر قانون دان ۽ معروف سياستدان ڊاڪٽر محفوظ يار خان کي ايم ڪيو ايم جي ليگل ايڊ ڪميٽي جو صدر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته ليگل ايڊ ڪميٽي جو موجوده صدر نعيم صديقي ليگل ايڊ ڪميٽي جي نائب صدر جي حيثيت سان پنهنجيون ذميواريون نڀائيندا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
*****


6/30/2024 5:46:50 AM