Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

شعيب سڊل جنگي ڏوهن جا مرتڪب آهن. انهن جا هٿ ايم ڪيو ايم جي سوين مهاجر ڪارڪنن جي رت سان ڀريل آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


شعيب سڊل جنگي ڏوهن جا مرتڪب آهن. انهن جا هٿ ايم ڪيو ايم جي سوين مهاجر ڪارڪنن جي رت سان ڀريل آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/22/2015
شعيب سڊل جنگي ڏوهن جا مرتڪب آهن. انهن جا هٿ ايم ڪيو ايم جي سوين مهاجر ڪارڪنن جي رت سان ڀريل آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
انهن ئي ماورائي عدالت قتل جي واقعن جي ڪري 1996 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو هو.رابطا ڪميٽي.
لنڊن؛ 22 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سابق ڊي آئي جي ڪراچي شعيب سڊل جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل الزامن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته 1995 ۾ ڪراچي ۾ قتل و غارتگري پاڻ شعيب سڊل ڪئي هئي، انهن جا هٿ ايم ڪيو ايم جي سوين مهاجر ڪارڪنن جي رت سان رنگيل آهن ۽ شعيب سڊل جنگي ڏوهن جا مرتڪب به آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي جو ٻچو ٻچو چڱي نموني ڄاڻي ٿو ته شعيب سڊل ڊي آئي جي ڪراچي مقرر ٿيندي ئي پنهنجي نگراني ۾ ڪراچي ۾ مهاجر نوجوانن کي گهرن کان پڪڙي ڪري سرڪاري ٽارچر سيلن ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري انهن کي قتل ڪرڻ جو وڏي پيماني تي سلسلو شروع ڪيو ۽ ڪراچي ۾ مهاجر نوجوانن جي لاشن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، جن جون قبرون اڄ به شعيب سڊل جي ظلمن جا ثبوت آهن. جيڪي رڙيون ڪري ڪري چئي رهيون آهن ته شعيب سڊل قاتل آهن ۽ انهن جا هٿ سوين مهاجرن جي رت سان ڀريل آهن. شعيب سڊل ڪراچي ۾ ظلم جو بازار گرم ڪيو ۽ جنهن وڏي پيماني تي ماورائي عدالت قتل ڪرايا اهي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو باب آهن. ماورائي عدالت قتل جي انهن ئي واقعن جي ڪري 1996 ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪيو ويو هو ۽ حڪومت جي ختم ٿيڻ جي صدارتي فرمان جو پهريون نڪتو ئي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ماورائي عدالت قتلن جو هو، پر ان جي باوجود شعيب سڊل ۽ ماورائي عدالت قتلن ۾ ملوث ڪنهن به پوليس آفيسر کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي. بلڪه پاڪستان جي بدقمستي اها آهي ته هزارين مهاجرن جي ماورائي عدالت قتل ۾ ملوث شخص کي سزا ڏيڻ جي بجاءِ اعلٰي عهدي تي فائز ڪيو ويو. رابطا ڪميٽي چيو ته شعيب سڊل ايم ڪيو ايم تي جناح پور ۽ جيڪي ٻيا الزام لڳايا آهن اهي بلڪل ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن ۽ انهن مان ڪوئي به الزام عدالتن ۾ ثابت نه ٿي سگهيو آهي. بلڪه اهي شر انگيز الزام ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ ۽ ڪڇلڻ جي لاءِ لڳايا ويا هئا. رابطا ڪميٽي صدر مملڪت ممنون حسين کان مطالبو ڪيو آهي ته 1996 جي صدارتي فرمان جي مطابق ڪراچي ۾ ٿيندڙ ماورائي عدالت قتلن جي تحقيقات جي لاءِ سپريم ڪورٽ جي ججن تي ٻڌل هڪ ڪميشن قائم ڪيو وڃي ۽ شعيب سڊل ۽ ان جو ساٿ ڏيڻ وارن سمورن آفيسرن ۽ اهلڪارن تي مقدمو هلايو وڃي ۽ قانون جي مطابق انهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. 


6/30/2024 5:45:26 AM