ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جي صدر محفوظ يار خان جو خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي استقبال ڪيو.
جناب الطاف حسين مون کي جيڪا ذميواري ڏني آهي اها منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي. سينيئر قانون دان محفوظ يار خان.
ڪراچي؛ 22 جولائي 2015
سينيئر قانون دان ڊاڪٽر محفوظ يار خان ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جو صدر مقرر ٿيڻ تي جڏهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ پهتا ته ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر فاروق ستار، عارف خان ايڊووڪيٽ، وسيم اختر ۽ شبير احمد قائم خاني انهن جو استقبال ڪيو ۽ انهن کي گلن جا هار پارايا. رابطا ڪميٽي انهن کي مبارڪباد ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته محفوظ يار خان ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيلن کي قانوني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجيون سموريون صلاحيتون استعمال ڪندا. ان موقعي تي محفوظ يار خان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ رابطا ڪميٽي جو ليگل ايڊ ڪميٽي جو صدر مقرر ڪرڻ تي ٿورو مڃيندي چيو ته جناب الطاف حسين مون کي جيڪا ذميواري ڏني آهي اها منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي ۽ انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي گرفتار ٿيلن جي قانوني مدد جي لاءِ سمورا آئيني ۽ قانوني طريقا استعمال ڪندي ۽ گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائيندي.
*****