Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي تحويل ۾ ڏيڻ قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي تحويل ۾ ڏيڻ قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/22/2015
رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي تحويل ۾ ڏيڻ قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
قمر منصور کي علاج جي لاءِ فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرايو وڃي ۽ انهن تي سرڪاري حراست ۾ تشدد به بند ڪرايو وڃي. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 22 جولائي 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي  رينجر جي تحويل ۾ ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي اڄ منھ تي ڪپڙو وجهي ڪري خطرناڪ ڏوهارين وانگر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ،قمر منصور عدالت کي پنهنجي بيماري ۽ تڪليف جي باري ۾ به ٻڌايو ۽ انهن کي علاج ڪرائڻ جي درخواست ڪئي پر سڄي صورتحال کان آگاھ ڪرڻ جي باوجود به انهن کي 90 ڏينهن جي ريمانڊ تي رينجر جي تحويل ۾ ڏنو ويو جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو ڪهڙو انصاف آهي ته جن مذهبي انتها پسند دهشت گردن فوجين جون منڍيون لاٿيون، پوري ملڪ ۾ دهشت گردي جو بازار گرم ڪيو، جن نوجوانن کي کلي عام خودڪش حملن جي لاءِ ورغلايو ۽ ملڪ ۾ قتل و غارتگري جو ڪلچر عام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون اڄ اهي گهمندا پيا وتن. جن فوجي جرنلن کي گاريون ڏنيون، انهن جي قربانين جو کلي عام مذاق اڏايو، اڄ  اهي اسٽيبلشمينٽ جي اک جا تارا آهن. جن پاڪستان جي خزاني کي لٽي ڪري ڪنگال ڪري ڇڏيو اڄ اهي نه صرف آزاد آهن بلڪه حڪومت ۽ انتظاميه جي وڏين وڏين ڪرسين تي به ويٺل آهن. پر ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ، چونڊيل نمائندن، ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا مقدما قائم ڪيا پيا وڃن. انهن کي گرفتار ڪري سرڪاري حراست ۾ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن فرمايو ته ڇا اها صورتحال ان ڳالھ جو ثبوت نه آهي ته آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪيو پيو وڃي. جناب الطاف حسين مطالبو ڪيو ته قمر منصور کي علاج جي لاءِ فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪرايو وڃي ۽ انهن تي سرڪاري حراست ۾ تشدد به بند ڪيو وڃي. 

6/30/2024 5:44:02 AM