Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي روز روز ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ ڪيبل فالٽ به لڳاتار ٿي رهيا آهن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي روز روز ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ ڪيبل فالٽ به لڳاتار ٿي رهيا آهن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 7/21/2015
ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي روز روز ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ ڪيبل فالٽ به لڳاتار ٿي رهيا آهن.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 21 جولائي 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جي ڪري سڄي شهر ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، شهري عيد جي پهرين ٻن ڏينهن کان پاڻي جي ڪمي جو شڪار آهن پر ان جي باوجود ڪي اليڪٽرڪ لوڊشييڊنگ ۽ ڪيبل فالٽ تي قابو پائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي روز روز ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ۽ ڪيبل فالٽ به لڳاتار ٿي رهيا آهن. جنهن جي ڪري اتان پاڻي جي سپلائي نيڪ پمپنگ اسٽيشن تي نه ٿي رهي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته نيڪ تي ڪي ٽو جو پمپنگ اسٽيشن آهي ان جي پي ايم ٽي ٻه ڏينهن اڳ ئي سڙي وئي هئي. جنهن جي تبديلي جي لاءِ به ڪي اليڪٽرڪ ٻه ڏينهن ضايع ڪري ڇڏيا. رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ سان پاڻي جو بحران وڌيڪ سنگين ٿيندو پيو وڃي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته هر ماڻهو ٽينڪر خريد ڪري نه ٿو سگهي پر جڏهن  ته موجوده صورتحال ۾ ته هائيڊرينٽ به بند پيا آهن ۽ پاڻي جي ڪمي تي ماڻهن ۾ ڏينهون ڏينهن ڪاوڙ وڌندي پئي وڃي. جنهن سان شهر ۾ امن و امان جي صورتحال به خراب ٿيڻ جو خطرو آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪي اليڪٽرڪ جي طرفان غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جو سلسلو فوري طور تي ختم ڪرائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ کان ان سلسلي ۾ سخت پچاڻو به ڪن. 
*****

6/30/2024 5:45:53 AM