Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رياستي ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ ۽ مهاجرن کي چٿڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


رياستي ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ ۽ مهاجرن کي چٿڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 7/23/2015
رياستي ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ ۽ مهاجرن کي چٿڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
شعيب سڊل ايم ڪيو ايم جي سوين ڪارڪنن سان گڏو گڏ مرتضٰي ڀٽو جا به قاتل آهن.
آصف علي زرداري جي مرتضٰي ڀٽو سان به دشمني هئي ۽ انهن انعام جي طور تي شعيب سڊل کي ٻيهر ڪراچي جو آئي جي بڻايو.
نائن زيرو تي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي فون تي خطاب.
لنڊن؛ 23 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته آپريشن جي نالي تي رياستي ادارا هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم کي هن ڌرتي تان ميٽڻ ۽ مهاجرن کي چٿڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. ان هوَڏ ۾ آئين ۽ قانون جون ڌڄيون به اڏايون پيون وڃن ۽ ڪراچي جي شهرين خصوصن مهاجر عوام سان ظالمانه سلوڪ ڪيو پيو وڃي. لڳاتار حق تلفين، ناانصافين، ظلمن ۽ زيادتين جي ڪري مهاجر عوام ۾ پنهنجي لاءِ الڳ صوبي جي سوچ تيزي سان وڌندي پئي وڃي ۽ اهي ظلمن کان نجات ۽ مسئلن جو حل پنهنجي لاءِ الڳ صوبي ۾ ئي سمجهن ٿا. انهن واضع طور تي فرمايو ته اسان نه ته سنڌين جي خلاف آهيون ۽ نه ئي سنڌين کي غلام بڻائڻ چاهيون ٿا. اسان صرف محروم عوام جي حقن ۽ وڏيرن ۽ جاگيردارن کان نجات حاصل ڪرڻ جي لاءِ الڳ صوبو چاهيون ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن رات نائن زيرو تي ذميوارن ۽ 
ڪارڪنن سان فون تي خطاب ڪندي فرمايو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان بانيان پاڪستان جون اولادون آهيون، اسان جي ابن ڏاڏن پاڪستان بڻايو هو ۽ ان جي بڻائڻ جي لاءِ لکين جانين جون قربانيون به ڏنيون پر اسان سان پاڪستان جي قيام کان پوءِ زندگي جي هر اداري ۾ ناانصافيون ڪيون ويون. اسان جا حق ماريا ويا، ڪوٽا سسٽم ۽ ٻين طريقن سان اسان کي جائز حقن کان محروم رکيو ويو. اهو سلسلو ڪيترن ئي سالن کان جاري هو ۽ ڪوئي به اسان جي لاءِ آواز اٿارڻ وارو نه هو. اسان 11 جون 1978 تي انهن ناانصافين جي خلاف اي پي ايم ايس او قائم ڪئي ۽ پنهنجي جدوجهد شروع ڪئي ، جنهن 1984 ۾ ايم ڪيو ايم کي جنم ڏنو. انهن 37 سالن جي دوران مهاجرن جي حقن کي چٿڻ جي لاءِ هر دور ۾ طرح طرح جا الزام لڳائي ڪري مهاجرن خصوصن ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن ڪيو ويو. مهاجرن جو قتل عام ڪيو ويو. هڪ هڪ واقعي ۾ ٻن ٻن سوَن کان وڌيڪ مهاجرن کي قتل ڪيو ويو. آپريشن جي آڙ ۾ اسان جي هزارين بي گناھ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. پر اڄ تائين ڪنهن هڪ جي قاتل کي به گرفتار نه ڪيو ويو آهي. بلڪه ابتڙ ايم ڪيو ايم کي ئي رياستي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. سيپٽمبر 2013 تي ڪراچي ۾ شروع ٿيندڙ ان حاليه آپريشن ۾ رينجر جي طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر مهاجرن خصوصن ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ماضي وانگر وري ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي، انهن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو پيو وڃي ۽ انهن تي ڪوڙا مقدما قائم ڪيا پيا وڃن، ڇاپن جي دوران مهاجر امڙين ۽ ڀينرن سان بدتميزي ڪئي پئي وڃي. سرڪاري حراست ۾ مهاجرن کي نگيون گاريون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن کي وحشياڻي سلوڪ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن فرمايو ته آپريشن جي دوران ڪنهن به سياسي جماعت جي مرڪز تي ڇاپو نه هنيو ويو. جڏهن ته رينجر ٻه ڀيرا ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي ڇاپو هنيو. گذريل ڇاپي ۾ ايم ڪيو ايم جي درجنين ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪيو ويو. نائن زيرو تي ٻيو ڇاپو رينجر رمضان شريف جي 29 هين رات تي هنيو ۽ رابطا ڪميٽي جي انچارج ڪهف الورٰي ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور کي گرفتار ڪري ورتو. انهن تي الزام لڳايو ويو ته انهن الطاف حسين جي تقرير جو انتظام ڪيو هو، تقرير ٻڌي ان تي تاڙيون وڄايون هيون. انهن سوال ڪيو ته آخر ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي ته ڪنهن جي تقرير جو انتظام ڪرڻ ، تقرير کي ٻڌڻ ۽ ان کي ٻڌي ڪري ان تي تاڙيون وڄائڻ ڏوھ آهي؟ ڇا ان بنياد تي ڪنهن سياسي رهنما يا سياسي ڪارڪن کي گرفتار ڪرڻ صحيح ۽ جائز آهي؟ ڇا ان عمل تي احتجاج ڪرڻ غلط آهي؟ ڇا ان ظلم کي ظلم چوڻ غداري آهي؟ انهن سوال ڪيو ته ڇا ڪوئي مسلمان فوج يا پيراملٽري جو ادارو رمضان شريف ۾ ڪنهن عوامي جماعت جي مرڪز تي ان طرح ڇاپو هڻي ماڻهن جي تذليل ڪري سگهي ٿو. انهن فرمايو ته اڄ مهاجرن سان ان طرح جو ظالمانه سلوڪ ڪيو پيو وڃي جو ان کي ڏسي ڪري مهاجر عوام اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهي ته آخر انهن جي ابن ڏاڏن پاڪستان بڻائي ڪري  ڇا غلطي ڪئي هئي؟ انهن فرمايو ته ڪراچي ۾ يزيديت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي ۽ رينجر يزيدي ظلمن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، اها پنهنجي ئي ڪلمي پڙهندڙ ڀائرن تي ظلم ڪري رهي آهي پر جڏهن طاقتور دشمن سامهون اچي ٿو ته اهي پنهنجا هٿيار اڇلائي ڇڏين ٿا، جناب الطاف حسين فرمايو ته حاليه آپريشن ۾ جيڪي ماورائي عدالت قتل ٿيا آهن ۽ جيڪي ظلم ٿيا آهن، ڊي جي رينجرپنهنجي پاڻ کي ان کان آجو قرار ڏيئي نه ٿا سگهن. ڇو ته رينجر انهن جي سربراهي ۾ ئي ڪاروائي ڪري رهي آهي ۽ ان جي لاءِ انهن کي  سنڌ حڪومت جي مڪمل حمايت ۽ منظوري حاصل آهي. جناب الطاف حسين سابق ڊي آئي جي ڪراچي شعيب سڊل جي طرفان ايم ڪيو ايم تي لڳايل بيهوده الزامن جي سخت مذمت ڪندي فرمايو ته شعيب سڊل ايم ڪيو ايم جي سوين ڪارڪنن سان گڏو گڏ مرتضٰي ڀٽو جا قاتل به آهن. آصف علي زرداري جي مرتضٰي ڀٽو سان دشمني هئي ۽ انهن انعام جي طور تي شعيب سڊل  کي ٻيهر ڪراچي جو آئي جي بڻايو ته جيئن انهن جي ذريعي ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي ٻيهر ماورائي عدالت قتل ڪرايو وڃي. انهن فرمايو ته شعيب سڊل معصوم مهاجرن جو قتل عام ڪيو آهي ۽ الله تعالٰي جي عدالت ۾ انهن کي مظلومن جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب ڏيڻو پوندو. جناب الطاف حسين ان موقعي تي موجود ذميوارن ۽ ڪارڪنن کان سوال ڪيو ته رينجر ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي پڪڙي ماري رهي آهي. ماڻهو تقرير ٻڌن ٿا ته انهن کي پڪڙيو پيو وڃي، نه عدالتون ٻڌي رهيون آهن ۽ نه ڪوئي انصاف ڏيڻ وارو آهي، ڇا لڳاتار ٿيندڙ انهن ظلمن جي ڪري ايم ڪيو ايم کي ختم ڪيو وڃي. ان تي سمورن ڪارڪنن هڪ آواز ٿي ڪري چيو ته نه، هرگز به نه . جناب الطاف حسين انهن کان ٻيهر سوال ڪيو ته اسان تحريڪ جاري رکنداسين ته اسان تي ظلم ڪيا ويندا. ڇا اوهان ان جي لاءِ تيار آهيو، ان تي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن جواب ڏنو ته اسان هر ظلم سهڻ جي لاءِ تيار آهيون. انهن رابطا ڪميٽي، اسيمبلي ميمبرن ۽ شعبن جي ذميوارن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اها تحريڪ آئنده نسلن جي بقا ۽ انهن جي بهتر مستقبل جي لاءِ آهي. ان جي ڪري اسان کي بزدلي جي بجاءِ بهادري سان فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ جرت ۽ همت سان پنهنجي جدوجهد جاري رکڻي پوندي. جڏهن ڪارڪن قربانيون ڏيئي رهيا آهن ته رهنمائن ۽ ذميوارن کي به هر طرح جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ پاڻ کي ذهني طور تي تيار رکڻ گهرجي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين ذميوارن به جناب الطاف حسين سان هڪ هڪ ٿي ڪري انهن کي يقين ڏياريو ته اهي تحريڪي جدوجهد ۾ ڪارڪنن کان پوئتي نه رهندا ۽ انهن سان وک وک ۾ ملائي ڪري جدوجهد ڪندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته منهنجي جدوجهد مهاجرن جي لاءِ نه پر مهاجرن سان گڏو گڏ سنڌين ، بلوچن، پنجابين، پٺاڻڻ، سرائيڪين، گلگتي بلتستانين ۽ سمورين برادرين جي لاءِ آهي ۽ مون کي يقين آهي ته حق  جي ان جدوجهد ۾ پنهنجي ڀاءُ الطاف حسين  جو ساٿ ڏيندا ۽ ڪڏهن به الطاف حسين کي دغا نه ڏيندا. انهن تمام تر رياستي ظلمن، گرفتارين،ڇاپن ، تشدد ۽ مشڪلاتن جي باوجود ثابت قدم رهڻ تي ايم ڪيو ايم جي سمورن نوجوانن، بزرگ ڪارڪنن ۽ عورتن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.

6/30/2024 5:47:15 AM