Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي قيام جي سلسلي ۾ مهاجر دانشورن سان ٽيلفون تي رابطن جو سلسلو جاري.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي قيام جي سلسلي ۾ مهاجر دانشورن سان ٽيلفون تي رابطن جو سلسلو جاري.
 Posted on: 7/22/2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي قيام جي سلسلي ۾ مهاجر دانشورن سان ٽيلفون تي رابطن جو سلسلو جاري.
اربع جي ڏينهن به هڪ درجن کان وڌيڪ نامور مهاجر دانشورن، پروفيسرن، بيوروڪريٽس، شاعرن،  اديبن ۽ عالمن سڳورن سان الڳ الڳ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي.
  مان معروف مهاجر شخصيتن کي سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي قيام جي سببن ۽ اغراض و مقاصد کان آگاھ ڪيو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 22 جولائي 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي قيام جي سلسلي ۾ مختلف شعبن جي ماهرن سان رابطن جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ جناب الطاف حسين اربع جي ڏينهن به هڪ درجن کان وڌيڪ نامور مهاجر دانشورن، پروفيسرن، بيوروڪريٽس، شاعرن، اديبن ۽ عالمن سڳورن سان الڳ الڳ ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. معروف شخصيتن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس جي قيام جي سببن ۽ اغراض و مقاصد کان انهن کي تفصيلي طور تي آگاھ ڪيو. ان کان علاوه جناب الطاف حسين 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي سينيئر مهاجر دانشورن کي اپيل ڪئي ته جيڪي ماڻهو سينيئر مهاجر ورلڊ ڪانگريس ۾ شموليت جا خواهشمند آهن اهي پنهنجا ڪوائف ايم ڪيو ايم انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ  لنڊن جي اي ميل ايڊريس ( ايم ڪيو ايم ايٽ دي ريٽ ايم ڪيو ايم ڊاٽ او آر جي ) تي موڪلي سگهن ٿا، يا لنڊن سيڪريٽريٽ جي فون نمبر 00442089057300 تي رابطو ڪري سگهن ٿا. انهن وڌيڪ فرمايو ته جيڪي ماڻهو اي ميل ۽ ٽيليفون تي رابطو ڪرڻ ۾ دشواري محسوس ڪن ته اهي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو جي ايڊريس 8 _494 عزيز آباد فيڊرل بي ايريا ڪراچي تي پوسٽ جي ذريعي پنهنجا ڪوائف موڪلي سگهن ٿا. 

6/30/2024 5:46:02 AM