ڪيٿولڪ ڊائيسس جي ٽي رڪني وفد جي سليم مائيڪل ايڊووڪيٽ جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ سان ملاقات.
ڪراچي؛ 21 جولائي 2015
ڪيٿولڪ ڊائيسس جي ٽي رڪني وفد سليم مائيڪل ايڊووڪيٽ جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي ويٽڪن سٽي روم اٽلي جي پوپ جو قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نالي هڪ خصوصي تحريري پيغام به پهچايو. وفد ۾ مشتاق مٽو ۽ پرويز گل شامل هئا. جڏهن ته ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اقليتي امور ڪميٽي جو نگران انچارج منوهر لعل ۽ ٻيا به موجود هئا. ملاقات ۾ سليم مائيڪل ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته مسيحي برادري کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين هر ڏڻ جي موقعي تي ياد رکن ٿا ۽ گل گلدستا به موڪلين ٿا. هن عيد جي موقعي تي اسان به اهو ضروري سمجهيو ته اسان به جناب الطاف حسين کي نائن زيرو تي وڃي ڪري مبارڪباد پيش ڪريون. ان موقعي تي عارف خان ايڊووڪيٽ وفد جو نائن زيرو تي آمد تي شڪريو ادا ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين هميشه بغير ڪنهن رنگ و نسل ، مذهب ۽ مسلڪ جي فرق ڪرڻ کان سواءِ محبتون ورهايون آهن ۽ جيستائين مسيحي برادري ۽ ٻين قومن جي دلين ۾ جناب الطاف حسين جي محبت قائم آهي ان وقت تائين ايم ڪيو ايم کي دنيا جي ڪائي به طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي.
*****