Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        
Sindhi News Archive
نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ پرائيويٽ اسڪول تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي نارٿ ناظم آباد بلاڪ بي ۾ پرائيويٽ اسڪول تي دهشت گردن جي طرفان دستي بم حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ اسڪولن تي حملن ڪرڻ ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ ان کان اڳ به پرائيويٽ اسڪولن کي دستي بم حملن جو نشانو بڻايو ويندو رهيو آهي، پر اڄ تائين انهن ۾ ملوث ڪنهن به دهشت گرد کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.
Read More    Posted on: 18 Mar 2015
سابق صدر آصف علي زرداري جو ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ٽيليفون تي رابطو.
سابق صدر آصف علي زرداري ايم ڪيو ايم انٽرنيشل سيڪريٽريٽ لنڊن فون ڪري ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪئي. ٻنهي رهنمائن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالھ ٻولھ ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال، ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جي وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي .
Read More    Posted on: 17 Mar 2015
خدمت خلق فائونڊيشن جي زيراهتمام گلشن اقبال سرجاني ۾ جديد مشينري سان آراسته ميٽرنٽي هوم ، ليبارٽري ۽ ڊسپينسري جو رابطا ڪميٽي جي طرفان افتتاح ڪيو ويو.
خدمت خلق فائونڊيشن جي زير اهتمام گلشن اقبال سرجاني خدا جي بستي ۾ جديد مشينري سان آراسته ميٽرنٽي هوم، ليبارٽري ۽ ڊسپينسري جو افتتاح ڪيو ويو، اهو افتتاح رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر نصرت ۽ رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ڪيو.
Read More    Posted on: 17 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جا آئيني ۽ قانوني ماهرَ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف مقدمي جي اندراج جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن.
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ رينجر جي هڪ آفيسر جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خلاف مقدمي جي اندراج تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا آئيني ۽ قانوني ماهر ان معاملي جو تفصيلي جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ان مقدمي جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ ان جي باري ۾ قانوني حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي. 
Read More    Posted on: 17 Mar 2015
ايم ڪيو ايم عدم تشدد تي يقين رکي ٿي ۽ هڪ جمهوري، لبرل ۽ پروگريسو سوچ رکڻ واري پارٽي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متسختي سان انهن کي يادگيرو ڏياريو آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي امن پسندي جي درس کي هرگز به نه وسارين. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ۾ ان قسم جو ڪوئي به ويڙهاڪ ونگ نه آهي ۽ ڪروڙين عوام جي چونڊيل نمائنده جماعت ۾ جيڪڏهن ڪجھ ماڻهن قانون کي هٿن ۾ کنيو آهي ته اهو انهن جو ذاتي فعل آهي، پارٽي پاليسي جو هرگز به حصو نه آهي. 
Read More    Posted on: 16 Mar 2015
حق پرست اسيمبلي ميمبرن ۽ اقليتي امور جي انچارج جي پاڪستان جي بشپ صادق ڊينيئل ۽ ڪيٿولڪ سينٽ جانز چرچ جي فادر صالح ڊائگو سان الڳ الڳ ملاقاتون.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي حق پرست اسيمبلي ميمبرن سينيٽر محمد علي سيف، اسيمبلي ميمبر رشيد گوڏيل ۽ اقليتي امور جي انچارج منور اسلام سان گڏجي يوحانا آباد ۾ ٿيندڙ هلاڪتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ چرچ آف پاڪستان جي بشپ صادق ڊينيئل سان بشپ هائوس ۽ ڊرگ روڊ ڪيٿولڪ سينٽ جانز چرچ جي فادر صالح ڊائگو سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان يڪجهتي جو پيغام به پهچايو.
Read More    Posted on: 15 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان پاڪستاني ٽيم جي ڪاميابي تي ٽيم ۽ پوري قوم کي مبارڪباد پيش.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي شاندار ڪاميابي تي ٽيم جي سمورن رانڌيگرن، آفيشلز ۽ پوري قوم کي زبردست مبارڪباد پيش ڪئي آهي. 
Read More    Posted on: 15 Mar 2015
ايم ڪيو ايم جا رهنما ۽ چونڊيل نمائندا سانحه لاهور ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان تعزيت جي لاءِ چرچن ۾ ٿيندڙ دعائيه ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿين ۽ مسيحي برادري سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ۽ چونڊيل نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سانحه لاهور ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان تعزيت جي لاءِ ملڪ جي مختلف چرچن ۾ ٿيندڙ دعائيه اجتماعن ۾ شريڪ ٿين ۽ مسيحي برادري سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن. 
Read More    Posted on: 15 Mar 2015
لاهور ڪيٿولڪ چرچ ۾ عيسائين جي عبادت جي دوران ڌماڪن تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت لاهور جي يوحانا آباد ۾ ڪيٿولڪ چرچ ۾ عيسائين جي عبادت جي دوران ڌماڪن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. انهن چيو ته پرامن مسيحي برادري جي عبادتگاه تي ٿيندڙ وحشياڻو حملو  انسانيت جي ئي خلاف نه پر اسلام جي تعليمات جي به خلاف آهي .
Read More    Posted on: 15 Mar 2015
وفاقي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومت جي طرفان مذهبي اقليتن جي عبادت گاهن کي تحفظ فراهم نه ڪرڻ تي پنهنجي نااهلي تسليم ڪندي حڪومت کان اسٽعيفٰي ڏيڻ گهرجي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته وفاقي ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومت جي طرفان پاڪستان جي مذهبي اقليتن ۽ انهن جي عبادتگاهن کي تحفظ فراهم نه ڪرڻ تي پنهنجي نااهلي تسليم ڪندي حڪومت کان اسٽعيفٰي ڏيئي ڇڏڻ گهرجي.
Read More    Posted on: 15 Mar 2015
وڪلا برادري ، عورتون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ۽ صحافين جون تنظيمون ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيلن تي وحشياڻي تشدد جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وڪلا برادري ، عورتن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ صحافين جي تنظيمن کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران گرفتار ٿيل ماڻهن تي وحشياڻي تشدد جو پاڻ مشاهدو ڪن ۽ ان ظلم جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪن. 
Read More    Posted on: 14 Mar 2015
رابطا ڪميٽي جي سينيئر ميمبر شعيب بخاري ايڊووڪيٽ جي والده محترمه جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي  جي سينيئر ميمبر شعيب بخاري ايڊووڪيٽ جي والده جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
Read More    Posted on: 14 Mar 2015
عمير صديقي جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته انهن کي نائن زيرو کان گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر غلط آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان جو ڪوئي به دشمن نه آهي بلڪه ملڪ جي تحفظ جون قسمون کائڻ وارا ئي هن کي تباھ ڪرڻ جي پويان آهن ان جي ڪري آئين، قانون، جمهوريت ۽ انسانيت تي يقين رکڻ وارا سڄي ملڪ جي باضمير ماڻهن جو فرض آهي ته اهي ميدان ۾ اچي ڪري پاڪستان جي تحفظ جي لاءِ عملي جدوجهد ڪن.اها ڳالھ انهن هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪئي.
Read More    Posted on: 14 Mar 2015
ايم ڪيو ايم هڪ پرامن جمهوريت پسند جماعت آهي. جيڪا ملڪي استحڪام ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.ڊاڪٽر فاروق ستار.
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاورق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن ۽ امن پسند جماعت آهي جيڪا ملڪي استحڪام ۽ جمهوريت جي فروغ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. 
Read More    Posted on: 12 Mar 2015
نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران رينجر جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن سيد وقاص علي شاھ کي هزارين آلين اکين سان گڏ شهداء قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
نائن زيرو تي رينجر جي غيرقانوني ڇاپي جي دوران رينجر جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر سيد وقاص علي شاھ شهيد کي هزارين آلين اکين سان گڏ ياسين آباد شهداء قبرستان ۾ مٽي ماءُ ڪيو ويو. 
Read More    Posted on: 12 Mar 2015