Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عمير صديقي جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته انهن کي نائن زيرو کان گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر غلط آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


عمير صديقي جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته انهن کي نائن زيرو کان گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر غلط آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/14/2015
عمير صديقي جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته انهن کي نائن زيرو کان گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر غلط آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
عمير صديقي کي 15 فيبروري 2015 تي گرفتار ڪري لڳاتار بدترين تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
اسان آپريشن جي حمايت ڪئي هئي ته طالبان ۽ القائده جي دهشت گردن ۽ فرقي وارانه فساد ڪرڻ وارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو.
لنڊن؛ 14 مارچ 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڪستان جو ڪوئي به دشمن نه آهي بلڪه ملڪ جي تحفظ جون قسمون کائڻ وارا ئي هن کي تباھ ڪرڻ جي پويان آهن ان جي ڪري آئين، قانون، جمهوريت ۽ انسانيت تي يقين رکڻ وارا سڄي ملڪ جي باضمير ماڻهن جو فرض آهي ته اهي ميدان ۾ اچي ڪري پاڪستان جي تحفظ جي لاءِ عملي جدوجهد ڪن.اها ڳالھ انهن هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ ڀيرو ٻيهر رينجر جي آفيسرن ڪوڙ ڳالهائي ڪري قوم کي گمراھ ڪيو آهي. انهن جي طرفان عمير صديقي کي اڄ عدالت ۾ ۾ پيش ڪري چيو ويو ته انهن کي 11 مارچ تي نائن زيرو کان گرفتار ڪيو ويو جيڪو بلڪل غلط آهي، بلڪه حقيقت اها آهي ته عمير صديقي کي 15 فيبروري تي گرفتار ڪري لڳاتار تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جڏهن ايم ڪيو ايم جي وڪيلن انسداد دهشت گردي جي عدالت ۾ ان جي رپورٽ ڪئي ته وڪيلن جي اپيلن کي نه ٻڌو ويو ۽ عدالت جي طرفان انصاف فراهم نه ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن ملڪ جي حفاظت تي مامور ادارا عدالت جي سامهون ڪوڙ ڳالهائي ڪري قوم کي گمراھ ڪندا ته انصاف ڪهڙي طرح قائم ٿي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪئي هئي ته جيڪي طالبان ۽ القائده جا دهشت گرد، فرقي وارانه فسادن، ڀتا خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ، اسٽريٽ ڪرائيم، چورين ۽ اغوا جي واردتن ۾ ملوث آهن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. اسان ڀرپور ساٿ ڏينداسين. پر آپريشن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻايو ويو، ايم ڪيو ايم جي گرفتار ٿيلن کي جنگي قيدي بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته اسان پاڪستان بڻائڻ وارن جون اولادون آهيون، 1992 ۾ به اسان تي آپريشن ڪيو ويو هو ۽ اڄ به ڪيو پيو وڃي ، انهن ميڊيا جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته اهي سچ جو ساٿ ڏين ۽ حقيقتن کان عوام کي آگاھ ڪن.انهن فرمايو ته اسان ظلم ۽ ناانصافين جي خلاف پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکنداسين ۽ هر محاذ تي دليلن سان پنهنجو مقدمو وڙهنداسين. انهن فرمايو ته اسان حق تي آهيون ۽ پنهنجي اصولي موقف تي ڄميل آهيون ۽ آخري ساھ تائين حسينيت جي نقش قدم تي هلندا رهنداسين. پر ڪنهن به يزيدي لشڪر جي اڳيان پنهنجو سر نه جهڪائينداسين.جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي باضمير ۽ آئين ۽ قانون ۽ انسانيت تي يقين رکڻ وارن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته پاڪستان جو ڪوئي به دشمن نه آهي بلڪه ملڪ جي تحفظ جون قسمون کائڻ وارا ئي هن کي تباھ ڪرڻ جي پويان آهن، هاڻي ملڪ کي بچائڻ جو آخري وقت اچي چڪو آهي ان جي ڪري اهي ميدان ۾ اچي ڪري ملڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. 

7/17/2024 12:48:21 PM